سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاءِ قرارداد منظور، ايم ڪيو ايم جي مخالفت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاءِ قرارداد منظور ڪئي وئي آهي، سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران فنڪشنل ليگ جي ميمبر نند ڪمار پاران سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، جنهن کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاران اهڙي ٺهراءُ جي مخالفت ڪئي وئي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي سيد سردار احمد چيو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جي حيثيت نٿي ڏئي سگهجي، ڇو ته قائد اعظم واضح ڪيو هو ته صرف اردو ٻولي ئي قومي ٻولي هوندي، ان موقعي تي سينئر وزير نثار احمد کهڙي به ٺهراءُ تي اعتراض ڪندي چيو ته سنڌي کي قومي ٻولي جي حيثيت ڏيڻ  سان ٻين ٻولين جو ڇا ٿيندو؟ جڏهن ته اسيمبلي کي خطاب ڪندي ثقافت واري وزير سيد سردار شاهه، سيد سردار احمد جي مخالفت کي رد ڪندي چيو ته انگريزن به سنڌي ٻولي کي دفتري ٻولي طور لاڳو ڪيو هو، اردو تي ڪوبه اعتراض ناهي، پر هزارين سالن جي پراڻي ٻولي کي اهميت ڏيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *