سنڌ اسيمبلي ۾ رينجرز جي اختيارن جو مشروط ٺهراءُ منظور، مخالف ڌر جو احتجاج، واڪ آئوٽ

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ اسيمبلي رينجرز جي وڌيڪ هڪ سال جي مقرري لاءِ قرارداد منظور ڪري ورتو آهي، هن قرارداد ۾ رينجرز جا اختيار محدود ڪيا ويا آهن ۽ کين ڪنهن به اهم شخصيت جي گرفتاري ۽ سرڪاري آفيس تي ڇاپي کان اڳ وڏي وزير کان اجازت ضرور وٺڻي پوندي، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني جي صدارت ۾ اجلاس شروع ٿيو، قرارداد گهرو وزير سهيل انور سيال اسيمبلي ۾ پيش ڪيو، اپوزيشن ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، اجلاس ۾

گوڙ ڪندي واڪ آئوٽ ڪيو، قرارداد جي متن ۾ چيو ته سنڌ ۾ رينجرز کي 12 مهينن لاءِ مقرر ڪيو وڃي، سنڌ حڪومت جي اجازت کانسواءِ شڪ جي بنياد تي رينجرز ڪنهن کي حراست ۾ نه وٺي سگهندي، ۽ سنڌ حڪومت جي اجازت کانسواءِ ڪنهن سرڪاري اسڪول تي ڇاپو نه لڳي سگهندو، گذريل هڪ هفتي کان ڪراچي آپريشن خاص ڪردار ادا ڪندڙ فورس جي اختيارن ۾ واڌ جو معاملو وفاق ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ تڪراري بڻيل هو ۽ ٻنهي پاسن کان بيان جاري ٿي رهيا هئا، قرارداد ۾ چيو ويو ته سڌي ريت دهشتگردي سان تعلق نه هئڻ تي گرفتاري لاءِ وڏي وزير سان رابطو ڪرڻو پوندو، سرڪاري آفيس تي ڇاپي لاءِ اجازت گهربل هوندي، قرارداد کي ايوان ۾ پيش ڪيو ويو ته به شرطن سان منظور ڪيو ويو، قرارداد مطابق رينجرز کي وڌيڪ هڪ سال لاءِ صوبي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، مسودي مطابق رينجرز صرف ٽارگيٽ ڪلرز،م ڀتي خورن، قاتلن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪندي، ڪنهن به شخص جنهن جو سڌ سنئون دهشتگردي سان تعلق نه آهي ان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ وڏي وزير سان رابطو ڪرڻو پوندو. قرارداد ايوان ۾ پيش ٿي ته راءِ شماري دوران ايم ڪيو ايم سميت اپوزيشن پارٽين احتجاج ڪيو، گوڙ ڪندا ميمبر سيٽن تي اٿي بيٺا ۽ ڪاپيون ڦاڙيون، احتجاج ڪندڙ ميمبرن کي مخاطب ٿيندي اسپيڪر چيو ته جنهن قرارداد لاءِ گوڙ ڪيو پيو ويو، ان جو ايوان ۾ اچڻ تي احتجاج افسوسناڪ آهي، اسپيڪر جي ريمارڪس جي باوجود اپوزيشن جو احتجاج جاري رهيو، اجلاس ۾ پشاور شهيدن لاءِ دعا ڪئي وئي جنهن کانپوءِ رينجرز اختيارن جو مشروط قرارداد سنڌ جي گهرو وزير سهيل انور سيال پيش ڪيو جنهن فوري طور منظور ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *