سنڌ اسيمبلي کي اڏائڻ جو منصوبو ناڪا، هڪ دهشتگرد مارجي ويو، 5 گرفتار

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمنٽ (سي ٽي ڊي) جي دهشتگردن سان مقابلي ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو ۽ 5 کي گرفتار ڪيو ويو. سي ٽي ڊي جي انچارج راجا عمر خطاب ٻڌايو ته شاهه لطيف ٽائون جي هڪ عمارت ۾ دهشتگرد موجود هئا، ڳجهي اطلاع تي دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. هن ٻڌايو ته دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو جڏهن ته 5 کي گرفتار ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته دهشتگردن هڪ رڪشا عمارت جي گيٽ جي آڏو بيهاري رکيو هو جنهن جي ڳجهن خانن ۾ بارودي مواد لڳل هو ۽ دهشتگرد مڪمل طور تي ڪارروائي جي لاءِ تيار هئا.  راجا عمر خطاب جو چوڻ هو ته نيڪٽا طرفان ڪجهه عرصو اڳ الرٽ جاري ڪيو ويو هو، ۽ اسان ڪافي عرصي کان عمارت جي سرويلنس ڪري رهيا هئاسين، پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ۽ دهشتگردن جي سڃاڻپ جو عمل ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي. بم ڊسپوزل اسڪواڊ موجب دهشتگردن وٽان 8 آپگهاتي جيڪٽ، 15 دستي بم، 4ڪلاشنڪوف، ڪيتريون ئي گوليون ۽ ٻه راڪي به هٿ ٿيا آهن جن جي فارنزڪ ڪرائي ويندي. اختيارين جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي استعمال هيٺ عمارت کي ڪليئر ڪيو ويو آهي جڏهن ته رڪشا ۾ موجود ڌماڪيدار مادي کي ناڪارا بڻايو ويو آهي، رڪشي ۾ بال بيئرنگ ۽ نٽ بولٽس کي مختلف خانن ۾ لڪايو ويو هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *