سنڌ اسيمبلي ميمبرن پاران پروموشن پاليسي تي عملدرآمد لاءِ وفاق سان رابطي جو مطالبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ وفاق جي 19“ 20 ۽ هين 21 هين گريڊ جي  ڪامورن ترقي لاءِ  پروموشن پاليسي تي  عملدر آمد لاءِ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، بجيٽ تجويزن تي بحث دوران ايم پي ايز  فنڊز جاري ۽ خرچ نه ٿيڻ جون شڪايتون ۽ روڊن جي خراب صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪئي ، اپوزيشن ميمبرز  ترقياتي رٿائن لاءِ رکيل رقمن مان رڳو 35 سيڪڙو خرچ ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو،جنهن دوران پ پ ايم پي ناصر شاه 19، 20 ۽ 21 گريڊ جي ڪامورن کي ترقيون ڏيڻ لاءِ  پروموشن پاليسي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻجو ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي اڪثريت سان منظوري ڏني وئي. ٺهراءُ ۾ تازو ٿيل ترقين کي پاليسي جي  ڀڃڪڙي قرار ڏيندي سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ويو  ته پروموشن پاليسي تي عملدرآمد لاءِ وفاقي حڪومت سان رابطو ڪيو وڃي. اجلاس دوران سنڌ حڪومت جي 9 مهينن جي خرچن ۽ بجيٽ تجويزن تي بحث دوران پ پ ايم پي اي الله بخش ٽالپر چيو ته 2010 جي ٻوڏ کانپوءِ تباهه ٿيل روڊ ٻيهر تعمير نه ٿيا آهن، خبر ناهي اربين رپين جي بجيٽ ڪٿي خرچ ڪئي وئي آهي. فنڪشنل ليگ ايم پي مهتاب اڪبر راشدي چيو ته سنڌ ۾ 7500اسڪول بنا عمارت جي هلي رهيا آهن،سنڌ جي عوام جي ڀلائي تي پئسا خرچ نه ڪرڻ ويڌن آهي. هن چيو ته 200ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ مان رڳو 81 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن،آبپاشي بجيٽ جو 95سيڪڙو رقم خرچ ڪئي وئي، اضافي بجيٽ به جاري ٿي آهي، ان جو جواب ڪنهن نه ڪنهن کي ڏيڻو آهي. پ پ ايم پي اي احمد علي پتافي چيو ته گهوٽڪي ضلعي لاءِ ترقياتي بجيٽ نه رکي وئي، سندس ضلعو تمام گهڻو ٽيڪس ڏئي ٿوان باوجود نظر انداز ڪيو پيو وڃي. ناڻي واري وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ بجلي بحران تي ضابطي لاءِ 5هزار ميگا واٽ واري منصوبي جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ 500ارب گهرجن پر پئسا نه آهن. فنڪشنل ليگ جي سعيد خان نظاماڻي چيو سانگهڙ ضلعي ۾ روڊن جي حالت خراب آهي ۽ سنڌ حڪومت مخالف ڌر کي مڪمل طور نظر انداز ڪري رهي آهي. سيد سردار احمد چيو ته وفاق کان 355ارب رپيا ملڻا هئا، جنهن مان رڳو283 ارب مليا۽ وفاقي حڪومت گهٽ رقم جاري ٿيڻ جو سبب به نه ٻڌايو آهي. پ پ ايم پي اي محمد نواز چانڊئي به روڊن جي خراب حالت جو ذڪر ڪندي چيو ته شڪايتن باوجود فنڊز جاري نٿا ڪيا وڃن. ايم ڪيو ايم جي سليم ٻنڌاڻي سکر لاءِ اسپيشل پئڪيج جو مطالبو ڪندي چيو ته غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي عمارت جو 12 سال اڳ پيڙهه پٿر رکيو ويو پر اها عمارت مڪمل نه ٿي سگهي آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر ڪارروائي ايندڙ خميس تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *