سنڌ اسيمبلي شفافيت ۽ ڄاڻ تائين پهچڻ جي حق بابت بل 2016 جي گڏيل طور تي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي  (اين اين آءِ) سنڌ سيمبلي سومر تي شفافيت ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي حق بابت بل 2016 جي گڏيل طور تي منظوري ڏني، سنيئر وزير نثار احمد کهڙي ان بل جي منظوري کي سنڌ اسيمبلي جو هڪ وڏو ۽ تاريخي قدم قرار ڏيندي چيو ته ان قانون ذريعي عام ماڻهو جي ڄاڻ گڊ گورننس جي قيام ۽ ڪرپشن جي خاتمي ۾ مدد ملندي ۽ جيڪي سرڪاري آفيسر هڪ مقرر وقت دوران گهربل ڄاڻ فراهم نٿا ڪري سگهن انهن لاءِ قيد ۽ ڏنڊ جي سزا به مقرر ڪئي وئي آهي، سومر تي ايوان جي ڪارروائي دوران سينيئر وزير نثار احمد کهڙو سنڌ ٽرانسپيرنسي اينڊ رائيٽ ٽو انفارميشن بل 2016 بابت سليڪٽ ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن جي ايوان بنا ڪنهن ترميم جي منظوري ڏني، ان کانپوءِ صوبائي وزير شق وار بل ايوان ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو جنهن کي ايوان بغير ڪنهن ترميم جي گڏيل طور تي منظور ڪيو، ايم ڪيو ايم جي پارلياماني ليڊر سيد سردار احمد چيو ته تمام اهم نوعيت جو قانون آهي، سنڌ جي هر شهري کي اهو حق حاصل آهي ته هو ڪنهن سرڪاري اداري بابت ڪا ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهي ته ان کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي اها ڄاڻ فراهم ڪئي وڃي، هن چيو ته ان قانون جي تياري لاءِ ايوان ۾ موجود سمورن پارلياماني گروپن جي نمائندن وڏي محنت ڪئي آهي ۽ اها تعريف جوڳي ڳالهه آهي ته سينيئر وزير جيڪو سليڪٽ ڪميٽي جو چيئرمين هو سمورن ميمبرن جي مثبت تجويزن کي قانون ۾ شامل ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *