سنڌ اسيمبلي سکر ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي قيام جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي  ناڻي واري  وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاق پاران يوڪرين مان گھرايل غيرمعياري ڪڻڪ جي وڪري سبب صوبن وٽ اسٽاڪ بچي ويو ۽ هيل 2 لک ٽن گهٽ ڪڻڪ خريد ڪئي ويندي، صوبائي وزير نثار کهڙي  شڪارپور مان نڪتل لانگ ۾ اڻ وڻندڙ واقعي جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو، صوبائي وزير مراد علي شاهه ايوان کي آگاهي ڏيندي چيو ته وزيراعظم ڪڻڪ معاملي تي اسحاق ڊار  کي سنڌ سرڪار سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ چيو هو پر هن اڃا  ڳالهيون  نه ڪيون آهن. مراد علي شاهه چيو ته صوبن وٽ وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ موجود هئڻ باوجود وفاقي سرڪار يوڪرين مان غير معياري ڪڻڪ خريد ڪئي. هن چيو ته ڪڻڪ ايڪسپورٽ نه ٿيڻ سبب  لکين مڻ گدامن ۾ پيل آهي ۽ گذريل سال ڀيٽ ۾  هلندڙ سال 2 لک ٽن گهٽ  ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙي آگاهي بعد پ پ ايم پي اي مراد علي شاهه چيو ته  سارين ۽ ڪمند کانپوءِ ڪڻڪ  جي آباد گارن کي تباهه ڪرڻ  جا سانڀاها ٿي رهيا آهن . هن چيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 2لک ٽن گهٽ ڪڻڪ خريد ڪرڻ سان ننڍن آبادگارن کي تمام گهڻو نقصان پهچندو ۽ ڪڻڪ  جو مڻ 1300 بدران 5 کان 6سئو رپين ۾ وڪرو ٿيندو. اجلاس دوران صوبائي وزير نثار کهڙي ايوان کي ٻڌايو ته هنن لانگ مارچ ڪندڙن سان ڀٽ شاهه ۾ ڳالهيون ڪيون پر لانگ مارچ ڪندڙ ضد تي آهن ته هو هر صورت ۾ ڪراچي پهچندا. نثار کهڙي چيو ته سنڌ سرڪار لانگ مارچ ۾ شامل ماڻهن جا مطالبا مڃڻ لاءِ تيار آهي . هن خدشو ظاهر ڪيو ته لانگ مارچ وارا ڪراچي آيا ته ڪوبه واقعو پيش اچي سگهي ٿو. نثار کهڙي چيو ته شڪارپور سانحي کانپوءِ زخمين جي بهتر سارسنڀال لڌي وئي ۽ فوتين جي وارثن کي معاوضو به ڏنو ويو آهي. اجلاس دوران نصرت سحر عباسي اسيمبلي ۾ پاس ٿيندڙ ٺهرائن تي عملدآمد لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جو ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي اجازت نه ملڻ تي فنڪشنل ليگ ميمبرن احتجاج ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو.  اجلاس دوران ايم ڪيو ايم جي خالد احمد انٽرسٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ مسافرن جي سيڪيورٽي لاءِ اپاءُ وٺڻ جو ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي به منظوري ڏني وئي. ٺهراءُ تي ڳالهائيندي  ميمبرن  چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سيڪيورٽي جامناسب بندوبست نه هئڻ سبب قيمتي جانيون ضايع ٿين ٿيون. متحده جي ظفر ڪمالي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا  واري ِ ٽيسٽ اين ٽي ايس ۽ آ ءِ بي اي جهڙن ادارن کان ڪرائڻ وارو ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي به منظوري ڏني وئي. ايم ڪيو ايم جي ناهيد بيگم سکر جي ترقي لاءِ سکر ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي قيام وارو ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي  اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي. سنڌ اسيمبلي ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر ڪارروائي 23 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *