سنڌ اسيمبلي خاص ماڻهن لاءِ سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ترميمي بل 2015 اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو

ڪراچي(اسٽآف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي خاص ماڻهن لاءِ سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ترميمي بل 2015 اتفاق راءِ سان منظور ۽ سنڌ ۾ تعليم کاتي جي بند پيل 40 سيڪڙو اسڪولن بابت مهملي واري رٿ رد ڪري ڇڏي. اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو خاص ماڻهن لاءِ سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ترميمي بل 2015 ايوان ۾ پيش ڪيو، بل ۾ متحده جي عورت ميمبر  ثمينا افضل جي ڪيل ترميمن کي شامل ڪرڻ کانپوءِ بل اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. ان کان اڳ متحده ميمبر محمد حسين تعليم کاتي جي 40 سيڪڙو بند پيل اسڪولن بابت مهملي واري رٿ ايوان ۾ پيش ڪئي. تعليم واري صوبائي وزير نثار کهڙي پاليسي بيان ڏيندي چيو ته بند پيل اسڪول کولرائڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن، مختلف شهرن ۾ اڍائي هزار گوسڙو استادن کي معطل ڪيو ويو آهي نثار کهڙي جي پاليسي بيان کانپوءِ مهملي واري رٿ رد ڪئي وئي. ان کان اڳ اجلاس ۾ حيدرآباد مان چونڊيل ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي راشد خلجي ۽ دلاور قريشي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي چيو ته حڪومت حيدرآباد جي شهرين کي فلٽر پلانٽ لڳائي پاڻي جي فراهمي جو خاص پيڪيج ڏيڻ جو ڪو ارادو رکي ٿي. هنن چيو ته حيدرآباد جا شهري پيئڻ جي پاڻي لاءِ سڪي رهيا آهن. مڪاني ادارن واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جواب ڏيندي چيو ته حيدرآباد ۾ بجلي جي بلن جي ادائگي نه ٿيڻ سبب مسئلو هيو جيڪو هاڻي حل ٿي ويو آهي. اسپيڪر آغا سراج دراني رولنگ ڏيندي چيو ته صوبائي وزير چونڊيل نمائندن کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائي مسئلو حل ڪرائي. اسپيڪر بعد ۾ اجلاس سومر تي صبح جو 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر محمد حسين شڪايت ڪئي ته قومي مالياتي ايوارڊ بابت ايوان کي اعتماد ۾ نه پيو ورتو وڃي، ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته اين ايف سي بابت رپورٽ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي ايم ڪيو ايم جي خواجه اظهار الحسن چيو ته پوليس موبائيل جي اڪثريت ايڪسائيز ڊپارمٽينٽ مان رجسٽرڊ ناهي، پارلياماني معاملن واري وزير سڪندر مينڌرو جواب ڏنو ته پوليس جون چار هزار کان وڌيڪ موبائيل آهن جيڪي سڀ رجسٽرڊ آهن ايم ڪيو ايم جي ڪامران اختر جي سوال تي شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته عدالتي اسٽي آرڊر ختم ٿيندي ئي فائر ٽينڊر جي خريداري مڪمل ٿي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *