سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر پي ٽي آءِ ميمبرن جي استعيفائن جي منظوري بابت وضاحت پيش ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني ڪالهه اڱاري ڏينهن آخرڪار سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي 4 ميمبرن جي استعيفائن بابت پنهنجي اعلان جي وضاحت پيش ڪري ڇڏي ۽ چيو ته منهنجي اعلان جي باوجود اهي استعيفائون اليڪشن ڪميشن کي نه موڪليون ويون هنيون. اسپيڪر اها وضاحت ايم ڪيو  ايم جي پارلياماني ليڊر سيد سردار احمد جي اعتراض واري نقطي تي ڏني. سيد سردار احمد آئين ۽ اسيمبلي جي قاعدن جو حوالو ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ جي 4 ميمبرن جون استعيفائون منظور ٿي چڪيون آهن ۽ اسپيڪر ان جو اعلان به ڪري چڪو آهي، جنهن تي اسپيڪر آغا سراج دراني اعتراف ڪندي چيو ته مان پي ٽي آءِ جي ميمبرن جي استعيفائن جي منظور ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ چيو ته منهنجي اعلان جي باوجود سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي اهو نوٽ لکيو هو ته ميمبر ذاتي ٻڌڻي جو موقعو چاهين ٿا، مان انهن ميمبرن کي گهرايو ۽ انهن درخواست ڪئي ته انهن جون استعيفائون منظور نه ڪيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *