سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر چيمبر ۾ اڪيلي ملڻ جي ڳالهه ٿو ڪري ته وري ڪڏهن مڇي ۽ جهينگن جي نينڍ ٿو ڏئي: نصرت سحر عباسي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ نصرت سحر عباسي الزام هنيو آهي ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جو رويو سنجيدا ناهي،چيمبر ۾ اڪيلو گهرائي ٿو. ذريعن مطابق فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ نصرت سحرعباسي جو چوڻ آهي ته سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني چيمبر ۾ اڪيلوملڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته ڪڏهن وري مڇي ۽ جهينگا کارائڻ جي نينڍ ڏئي ٿو.سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي زرداري ليگ بڻجي چڪي آهي،ان ڪري اسپيڪرجو عورتن سان اهو رويو آهي.جيڪڏهن بينظير ڀٽو جئيري هجي ها ته اسپيڪر صاحب ڪڏهن به اهڙي ڳالهه ڪرڻ جي همٿ نه ڪري ها.واضع هجي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آغا سراج دراني نصرت سحر عباسي جي چوڻ تي سنڌ اسيمبلي هاسٽلز ۾ بيوٽي پارلر ٺاهڻ جي ڳالهه  به ڪري چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *