سنڌ اسيمبلي جو اجلاس، بجيٽ خرچن تي بحث دوران حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبرن ۾ سخت ڇڪتاڻ، ف ليگ جو احتجاج جو سخت احتجاج، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ ۾ حڪومت جي بجيٽ خرچن تي بحث دوران فنڪشنل ليگ ميمبرن حڪومتي رويي خلاف احتجاج ڪيو، جڏهن ته فنڪشنل ليگ ۽ پ پ ميمبرن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي جنهن سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس پينل آف چيئرمين سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ حڪومت جي 9 مهينن جي بجيٽ خرچن تي بحث اڄ به جاري رهيو. بحث دوران نصرت سحر عباسي سميت ٻين فنڪشنل ليگ  ميمبرن، حڪومتي رويي خلاف احتجاج ڪندي پنهنجن سيٽن تان اٿي اسپيڪر ڊائس ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. ان موقعي تي پ پ جي عورتن ميمبرن پڻ نصرت سحر عباسي جي حڪومت تي تنقيد خلاف احتجاج ڪيو جنهن بعد ايوان ۾ گوڙ پيدا ٿي ويو. نصرت سحر عباسي چيو ته رولز 145 موجب بجيٽ تقريرن لاءِ پنج منٽ مقرر ڪرڻ افسوسناڪ عمل آهي، اربين رپين جي ڪرپشن تي ڳالهه کان روڪڻ لاءِ پنج منٽ وقت مقرر ڪيو ويو. فنڪشنل ليگ ميمبر چيو ته ايوان ۾ وڏي وزير سميت ڪو به ذميوار موجود ناهي، اسيمبلي جي ڪارروائي ڪير نوٽ ڪري رهيو آهي، الله جي واسطي سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو وڃي. نصرت سحر عباسي چيو ته آڊيٽر جنرل جي رپورٽ ۾ سنڌ اندر 22 ارب رپين جي ڪرپشن جي نشاندهي ڪئي وئي. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي موجوده دور جي ڪرپٽ ترين حڪومت قرار ڏنو ويو. سندس چوڻ هو ته مڪاني ادارن وارو وزير ٽن فٽن جي ٻــُهاري ڦيرائي صفائي جو ڊرامو رچايو، شرجيل ميمڻ خيرپور، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ ٻهارو ڇو نه ٿو لڳائي، اتي صفائي جو خيال ئي ناهي. نصرت سحر عباسي چيو ته مڪاني ادارن وارو وزير واٽر بورڊ ۾ گوسڙو ملازمن ۽ دهشتگردن جو اعتراف ڪيو، تنهن ڪري لسٽون ايوان ۾ پيش ڪيون وڇن. هن چيو ته مڪاني ادارن واري ملازمن کي ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون ناهن مليون، کين پگهارون ملنديون ته هـُو ٻهارو ڏيندا، مڪاني ادارن واري وزير پاڻ ٻهارو سنڀاليو. فنڪشنل ليگ ميمبر چيو ته اندورني سنڌ جو لفظ استعمال ڪرڻ تي نثار کهڙو قوم کان معافي وٺي. صوبائي وزير منظور وساڻ تقرير شروع ڪئي ته فنڪشنل ليگ ميمبرن ٻيهر احتجاج ڪيو. منظور وساڻ چيو ته حڪومت تي تنقيد ڪرڻ کانپوءِ جواب ٻـُڌڻ جو به حوصلو رکڻ گهرجي. هن چيو ته جنرل ضياءَ جي دور ۾ ڪير ڪنهن سان گڏ هو، سڀني کي خبر آهي، ڪرپشن جي ڪهاڻي ڪو ٻـُڌڻ لاءِ تيار ناهي. ان موقعي تي پ پ ۽ فنڪشنل ليگ ميمبرن هڪٻئي خلاف احتجاج ڪيو جڏهن ته صوبائي وزير منظور وساڻ تي پاٿاريداري جو الزام لڳايو ويو. منظور وساڻ چيو ته اينٽي ڪرپشن جي وزير طور کيس ڳالهائڻ کان روڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ناري تعلقي جي 36 هزار ايڪڙ زمين جعلي کاتا ٺاهي پنهنجي نالي ڪئي وئي، ساوڻ گئس فيلڊ مان 2 ڪروڙ ماهوار ڀتو وصول ڪيو ويندو آهي جيڪو ڪراچي جي دهشتگردن کي ڏنو ويندو آهي. منظور وساڻ چيو ته فنڪشنل ليگ جي ڀتي خوري جي جاچ ٿيڻ گهرجي، ايريگيشن جي 60 ڪروڙ رپين جو بنگلو غير قانوني طور تي 60 لک رپين ۾ خريد ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته 2002ع کان 2007ع تائين فنڪشنل ليگ حڪومت ۾ 7 ارب رپيا ڪرپشن ٿي، ان جي انڪوائري ٿيڻ گهـُرجي. بجيٽ خرچن تي بحث دوران متحده ميمبر صابر قائمخاني چيو ته 73 سيڪڙو بجيٽ خرچ ڪرڻ باوجود عوام جي حالت خراب آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پنج کرب رپين کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ باوجود به عوام جي حالت بدلائي نه سگهي آهي، بجيٽ ۾ حيدرآباد ترقياتي پيڪيج جي ڳالهه ڪئي وئي پر فنڊن جي فراهمي ۾ نظر انداز ڪيو ويو. پ پ ميمبر خورشيد جوڻيجي چيو ته سنڌ حڪومت بجيٽ ۾ 6 ترجيحن جو اعلان ڪيو ۽ ان تي قائم آهي. هن چيو ته فنڊن جي مانيٽرنگ سسٽم متعارف ڪرايو وڃي ۽ ضلعي سطح تي چونڊيل نمائندن جون ڪميٽيون خرچن جي مانيٽرنگ ڪن. نواز ليگ ميمبر سورٺ ٿيٻي چيو ته گذريل بجيٽ وانگر نئين بجيٽ ۾ به وڏيون دعوائون ڪيون وينديون، ترقياتي منصوبن تي فنڊ خرچ ڪرڻ بدران غير ترقياتي منصوبن تي اڏايا ويندا آهن. متحده ميمبر ناهيد بيگم چيو ته 70 سيڪڙو گئس جي پيداوار باوجود سنڌ جون صنعتون گئس کان محروم آهن. ناهيد بيگم چيو ته گئس تي اختيارن لاءِ وفاق جي قانون سازي صوبي جي حقن تي ڌاڙو آهي، ٽيڪس وصولين ۾ ناڪامي جو حساب ڏنو وڃي. پ پ ميمبر ناصر شاهه چيو ته نئين بجيٽ ۾ سکر لاءِ خاص پيڪيج رکيو وڃي، سکر ترقياتي پيڪيج تي عملدرآمد لاءِ اسيمبلي ميمبرن جي ڪميٽي قائم ڪئي وڃي. ايوان ۾ حڪومت جي بجيٽ خرچن تي بحث جاري هو ته اجلاس جي ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *