سنڌ اسيمبلي الطاف حسين خلاف گڏيل ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، ڪارروائي جو مطالبو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي، پاڪ فوج ۽ رياست خلاف تقرير ڪرڻ تي الطاف حسين خلاف گڏيل ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، ٺهراءَ ۾ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري بيان جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم سربراهه کي ڏيهه گهـُرائي سندس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس دوران مسلم ليگ نون، فنڪشنل ليگ ۽ تحريڪ انصاف طرفان ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين جي تقريرن خلاف مذمتي ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو ويو جڏهن ته پيپلز پارٽي ٺهراءَ جي حمايت ڪئي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم ڪارڪنن ٺهراءَ خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي. اسيمبلي ۾ گوڙ ۽ سخت نعريبازيءَ سبب ايوان الطاف حسين خلاف گڏيل ٺهراءُ منظور ڪري ورتو. ٺهراءَ جي متن موجب ايوان، پاڪستان ۾ پرڏيهي مداخلت بابت الطاف حسين جي بيان جي مذمت ڪري ٿو ۽ ايم ڪيو ايم سربراهه طرفان سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري مطالبي کي به رد ڪري ٿو. ٺهراءَ ۾ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته پرڏيهي مداخلت جي بيان تي الطاف حسين خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ان کان اڳ سوالن جوابن جي وقفي دوران ايوان ۾ ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ ڪرپشن تي بحث ڪيو ويو. حڪومتي توڙي اپوزيشن ميمبرن ڪوآپريٽو سوسائٽي جا نوان قانون متعارف ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌري چيو ته ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ سڌارن جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جا قانون جوڙڻ لاءِ جلد ڪم شروع ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽيز ۾ نوان قانون تيار ڪيا ويندا، اپوزيشن وارا سهڪار ڪن. ان موقعي تي فنڪشنل ليگ ميمبر نصرت سحر عباسي چيو ته تعليم کاتو ڇڏي نثار کهڙي آبپاشي کاتو سنڀاليو. هن چيو ته کاتو تبديل ٿيندي ئي آبپاشي کاتي ۾ 50 ارب رپين جي ڪرپشن جو اسڪينڊل سامهون آيو، سنڌو درياهه جي حساس بندن جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا وڃن. ان موقعي تي نثار کهڙي چيو ته سنڌ جو ايريگيشن سسٽم قديم ٿي چڪو آهي، هر پنجن سالن کانپوءِ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿئي ٿي. هن چيو ته سنڌو درياهه جا 45 ڪپر ۽ بند حساس آهن، گڊو بئراج کان ساڍا ست لک ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو گـُذريو آهي. صوبائي وزير نثار کهڙي چيو ته گڊو ۽ سکر بئراجن تي پاڻي جي سطح گهٽجڻ شروع ٿي وئي آهي پر پاڻي ۾ واڌ جو خدشو آهي. نثار کهڙي چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم فول پروف آهن، ٻوڏ جو ڪو وڏو خطرو ناهي، پاڻي خيريت سان سمنڊ تائين هليو ويندو. هن چيو ته ٽوڙي بند کي مستقل طور تي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪم هڪ سال ۾ مڪمل ٿي ويندو، جڏهن ته عاقل آگاڻي بند سميت سمورن حساس هنڌن تي مضبوطي جو ڪم جلد مڪمل ٿي ويندو. نثار کهڙي چيو ته شڪارپور، گمبٽ سميت جن علائقن ۾ بند خطرنڪا هئا اتي بنا دير مرمت جو ڪم ڪيو ويو. هن چيو ته سنڌو درياهه ۾ ايمرجنسي جي صورتحال ناهي، پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ يا گهٽتائي قدرتي امر آهي،. اجلاس دوران سنڌ صوبي ۾ پرائيويٽ اسڪولن کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ فنڪشنل ليگ ميمبر شهريار مهر ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو. شهريار مهر چيو ته خانگي اسڪولن جي فيس اسٽرڪچر کانسواءِ انتظامي مسئلا ڪنٽرول ڪرڻ جو حڪومتي اختيار ڪهڙو آهي؟ جيڪڏهن اسڪولن تي ڪنٽرول لاءِ ڪو بورڊ يا ڪميٽي آهي ته ايوان کي ٻـُڌايو وڃي. شهريار مهر جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي تعليم وارو نئون وزير مير هزار خان بجاراڻي ايوان مان اٿي هليو ويو جڏهن ته پارلياماني معاملن واري وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌري ايوان ۾ جواب پيش ڪيو. سنڌ اسيمبلي ۾ پينل آف چيئرمين جوڙيو ويو جنهن ۾ مهتاب اڪبر راشدي، سيد مراد علي شاهه، سردار شاهه ۽ مهيش ملاڻي شامل آهن. اسيمبلي جو اجلاس جاري هو ته اسپيڪر ايوان جي وڌيڪ ڪارروائي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *