سنڌ اسيمبليءَ ۾ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع ۾ ترميم جو بل منظور، مخالف ڌر جو احتجاج 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ ۾ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع ۾ ترميم جو بل منظور ڪيو ويو آهي. جڏهن ته مخالف ڌر طرفان هنگامو ڪري ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙيون ويون، جڏهن ته اسپيڪر اجلاس جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو. سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس دوران وي آءِ پي پروٽوڪول ڪلچر خلاف ٺهراءُ منظوري ڪيو ويو. ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو ته وي آءِ پي ڪلچر معاشري جي بدقسمتي آهي، جنهن کي ختم ڪيو وڃي. اجلاس ۾ سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙي طرفان لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع ۾ ترميم جو بل پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. نثار کهڙي جي بل پيش ڪرڻ دوران مخالف ڌر جي ميمبرن هنگامو ڪيو ۽ ايجنڊا جون ڪاپيون پڻ ڦاڙي ڇڏيون. مخالف ڌر جي گوڙ سبب ايوان مڇي مارڪيٽ ۾ تبديل ٿي ويو، جڏهن ته حڪومت هنگامي باوجود لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع ۾ ترميم جو بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪرائي ورتو. بل جي متن تحت ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين، وائس چيئرمين ۽ مخصوص سيٽن تي چونڊ هٿ مٿي کڻي ڪرائي ويندي. آغا سراج دراني مخالف ڌر جي ميمبرن تي تنقيد ڪندي چيو ته کين ايوان ۾ دوا کائي اچڻ گهرجي. هن صحت واري وزير کي مشورو ڏنو ته هو مخالف ڌر جي ميمبرن لاءِ ڪا دوا تجويز ڪري. ايوان ۾ گوڙ کانپوءِ اسپيڪر آغا سراج دراني ڪارروائي جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *