سنڌ اسيمبليءَ زوري مذهب بدلائڻ خلاف تاريخي بل پاس ڪيو، ٻيون اسيمبليون به ان جي پوئواري ڪن: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري زور ڀريندي چيو اهي ته سنڌ صوبو پاڪستانين جي بانين جي مشن جي تڪميل لاءِ هڪ رستو ڏنو آهي جنهن ملڪ جي غير مسلم شهرين جي جبري مذهب جي تبديلي جي خلاف هڪ تاريخ ساز قانون پاس ڪيو آهي وڌيڪ ٻين صوبن کي به سنڌ اسيمبلي جي پيروي ڪرڻ گهرجي ياد رهي ته خميس جي ڏينهن سنڌ اسيمبلي جبري مذهب جي تبديلي ۽ پوءِ زبردستي شادي کي روڪڻ لاءِ سنڌ ڪرمنل لا پروٽيڪشن آف مينارٽيز بل 2015 کي اتفاق راءِ سان منظور ڪيو آهي ان قانون تحت جبري مذهب تبديل ڪرڻ واري عمل کي گهٽ ۾ گهٽ 5 سال ۽ وڌ کان وڌ عمرقيد جي سزا ملندي ۽ جرمانو به ادا ڪرڻو پوندو بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسلام دنيا جي تياريخ ۾ تيزي سان ڦهلجڻ وارو مذهب آهي جبري مذهب جي تبديلي جهڙا واقعا ۽ رپورٽون اسلام جي پرامن ۽ قائناتي درس کي ضرب پهچائڻ جو بهانو فراهم ڪري ٿي هن وڌيڪ چيو ته هڪ مضبوط ۽ جمهوري پاڪستان ۾ معاشري جي ڪنهن به  طبقي لاءِ مستقل خوف ۾ گذارڻ جي ڪابه گنجائش نه آهي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڪثريت واري سنڌ اسيمبلي پاران منظور ڪيل قانون پاڪستان جي غير مسلم شهرين جي مسئلن ۾ ڪجهه کي حل ڪندو جيڪي اسان وٽ ميڊيا ۽ عوام جي مدد سان پهچي رهيا آهن. هن سنڌ حڪومت اسيمبلي جي ميمبرن ۽ سمورن طبقن کي ساراهيو آهي جيڪي ان قانونسازي جي عمل ۾ بل تيار ڪري ان کي ايوان ۾ آڻڻ جي سڄي عوام ۾ شامل ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *