سنڌ آبادگار بورڊ گاج ڊيم کي منڇر ڍنڍ جو قاتل قرار ڏئي ڇڏيو، احتجاج 

سيوهڻ شريف (رپورٽر) سنڌ آبادگار بورڊ تعلقي سيوھڻ ـ جوھي ۽ ڀان جي آبادگارن منڇر ڍنڍ تي گاج ڊيم کي منڇر ڍنڍ جو قاتل قرار ڏئي ڇڏيواحتجاج  رپورٽ موجب سنڌ آبادگار بورڊ تعلقي سيوهڻ جي نائب صدر عطاءُ الله بروهي، پنهنجي ساٿين غلام نبي چنو، صاحب ڏنو لاشاري، غضنفر جتوئي ۽ ٻين آبادگارن سان گڏ صاحب ڏنو لاشاري هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 1970ع کان اڳ ڊالر جي قيمت 4 رپيا هئي ۽ هاڻي 155 رپين کان مٿي آهي، جنهن جو سبب پاڪستان ۾ ڪرپشن ۽ اسڪيمن جي غلط منصوبابندي آهي، جنهن جو موجوده مثال واپڊا طرفان سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل نئين گاج ڊيم پراجيڪٽ جي پي سي ون مان ملي ٿو، جنهن جي مطابق واپڊا 600 ماڻهن کي روزگار ۽ بجلي ڏيڻ لاءِ 46 ارب رپين جي  خرچ سان نئين گاج ڊيم تعمير ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي، جنهن جي مطابق نئين گاج جي ڪيچمينٽ ايريا ۾ صدين کان منڇر ڏانهن ايندڙ 7 لک 50 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڊيم جي رزروائير ۾ اسٽور ڪري ان مان فقط 60 ڪيوسڪ پاڻي هڪ پائيپ لائين وسيلي منڇر کي واٽر سپلاءِ لاءِ ڏنو ويندو، اگر ايئن ڪيو ويو ته کيرٿر جبل کان ايف پي بند ۽ گاج ڊيم کان ڇني شهر ۽ منڇر سميت هزارين ڳوٺ ۽ اهي علائقا ٿر وانگر ويران ٿي ويندا، جتي ٻن لکن کان مٿي آدمشماري رهي ٿي، جيڪي بيروزگار ٿي ويندي، تنهن لاءِ سپريم ڪورٽ وزارت بجلي ۽ پاڻي سميت آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ سان گڏ ميڊيا کي واپڊا جي اهڙي غلط منصوبي جي جائزي.وٺڻ جي اپيل ڪريون ٿا، اهي سڀ چيئرمين واپڊا سميت پلاننگ ڪميشن آف پاڪستان ۽ايڪنڪ کان پڇن ته اهڙي غلط منصوبي کي ڪيئن فزيبل ڄاڻائي فنڊ ڏنا ويا، تنهن لاءِ مطالبو ڪريان ٿو ته ڏوهي عملدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، مان سپريم ڪورٽ کي منڇر بحال ڪرڻ لاءِ هڪ جج، نيب جي ڊائريڪٽر ۽ مون تي مشتمل هڪ ڪاميٽي قائم ڪرڻ لاءِ اپيل ڪريان ٿو ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي به اهڙي ڪاميٽي دادو ڪئنال جي پڇڙين کي بحال ڪرڻ لاءِ قائم ڪرڻ جي اپيل.ڪريان ٿو جيئن مان سيوهڻ دادوب۽ جوهي تعلقن جا 1970ع کان اڳ جون پڇڙيون بحال ڪري سگهان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *