سنڌي قوم پرامن آهي ان کي پرتشدد واري دڳ تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: نياز ڪالاڻي

هنڱورجا(نمائندو)  جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي سينئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته سنڌ صوفين، درويشن ۽ بزرگن جي ڌرتي آهي ۽ سنڌي ماڻهو هميشه مذهبي انتهاپسندي کي نديو آهي. مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشت گردي جو اسان کي صوفي ازم جي پيغام ذريعي مقابلو ڪرڻو پوندو. ڳوٺ کرڙي ۾ جسقم جي شهيد اڳواڻ عزيز ڦل جي 13 هين ورسي واري جلسي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ هڪ سازش تحت دهشت گردي جو ٻج ڇٽيو پيو وڃي. دهشت گرد بيگناهه انسان جو خون وهائي خبر ناهي ڪنهن کي خوش ڪرڻ چاهن ٿا هن چيو ته سنڌ ۾ قومي تحريڪ جي ڪارڪنن کي بيگناهه کنڀي اغوا ڪرڻ بعد انهن کي قتل ڪيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ به بلوچستان جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي سنڌي قوم پرامن آهي ان کي پرتشدد واري دڳ تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته شڪارپور سانحي جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن جيڪا حڪومت جي ناڪامي آهي. جلسي کي جنرل سيڪريٽري ساگر حنيف بڙدي خطاب ڪندي چيو ته شاهه لطيف، سچل سائين ۽ شهيد شاهه عنايت جي پيغام کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي سنڌ جي صوفين هميشه امن ۽ پيار جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ مذهبي انتهاپسندي کي نديو آهي. جسقم اڳواڻ سرفراز ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي مڙني مسئلن جو حل سنڌوديش جي آزادي ۾ آهي سنڌي قوم کي سائين جي ايم سيد جي نظريعي هيٺ هڪ پليٽ فارم تي متحد ۽ منظم ٿي جدوجهد ڪرڻي پوندي. جلسي کي جسقم جي مرڪزي اڳواڻ محبوب ابڙو، غلام نبي کٽي، فقير امداد منگي، علي رضا خاصخيلي، شريف ڦل، امجد مهيسر، ايوب لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪيو. هن کان اڳ جسقم جي مرڪزي قيادت ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ شهيد عزيز ڦل جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي مغفرت جي دعا گهري

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *