سنچورين ٽيسٽ: ڏکڻ آفريڪا هٿان پاڪستان کي شڪست

 

سنچورين(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا پهرئين ٽيسٽ ۾ پاڪستان کي ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.پاڪستنا طرفان ڏنل 149 رنسن جي هدف جو پيڇو ڪندي ميزبان ٽيم جا اوپنرز ميدان ۾ لٿا ته ٻئين ائي اوور ۾ حسن علي جي بال تي اوپننگ بيٽسمين ايڊن مرڪرم ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿي ويو.ٻئين وڪيٽ لاءِ هاشم آملا ۽ ڊين ايلگر وچ ۾ 119 رنسن جي حصيداري قائم ٿي ۽ ڊين ايلگر 5 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ پارٽ ٽائم بالر شان مسعود جي بال تي وڪيٽن جي پويان ڪيچ آئوٽ ٿيو.پروٽيز کي ٽيون نقصان ڊي بران جي صورت ۾ ٿيو جيڪو ياسر شاهه جي بال تي سرفراز احمد جي هٿان اسٽمڊ ٿيو جڏهن ته ڏکڻ آفريڪي ڪپتان فاف ڊوپليسي به پاڪستاني قائد سرفراز احمد جيان ٻئين اننگز ۾ به ٻُڙي تي آئوٽ ٿيو، کيس شاهين آفريدي حسن علي هٿان ڪيچ آئوٽ ڪرايو. ڏکڻ آفريڪي بيٽسمين هاشم آملا 63 ۽ باووما 13 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *