سني ليون جو خواب نيٺ ساڀيان، رئيس ۾ شاهه رخ خان سان گڏ ڊانس ڪندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي بولڊ اداڪارا سني ليون جو خواب نيٺ ساڀيان ٿي ويو ۽ هوءَ شاهه رخ خان سان گڏ فلم رئيس ۾ ڊانس ڪندي، ڀارتي ميڊِيا مطابق ڪنگ خان پنهنجي ايندڙ فلم رئيس ۾ 80ع جي ڏهاڪي واري گاني ليليٰ او ليليٰ تي سني ليون سان گڏ جلوا ڏيکاريندو، ان فلم ۾ شاهه رخ خان جي هيروئن پاڪستاني اداڪارا ماهره خان آهي،جيڪا شاهه رخ سان گڏ مشهور بالي ووڊ فلم قرباني جي گاني ليليٰ او لييٰ کي ڀيٽا پيش ڪندي، جنهن ۾ سني ليون ڊانس ڪندي نظر ايندي، ذريعن مطابق رئيس ۾ ليليٰ او ليٰ کي شامل ڪرڻ بابت فلمسازن شاهه رخ خان سان به صلاح ڪئي آهي ۽ ليليٰ او ليليِٰ لاءِ سني ليون جي چونڊ به شاهه رخ خان جي چوڻ تي ڪئي وئي، ڀارتي ميڊِيا مطابق ڄاڻايل گاني لاءِ ممبئي ۾ هڪ سيٽ به ٺاهيو ويو آهي، جتي ان گاني جي ريهرسل زورن تي آهي، ذريعن مطابق سيني ليون ايندڙ مهيني رئيس لاءِ پنهنجا منظر فلمبند ڪرائيندي ۽ اهو شيڊول ٻن ڏينهن  جو هوندو.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *