سنيل گواسڪر پريميئر ليگ جي ستين ايڊيشن جي صدر جي طور خدمتن جو 1.90 ڪروڙ انڊين رپيا معاوضو طلب ڪري ورتو

ممبئي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪپتان سنيل گواسڪر گذريل سال انڊيا ۽ يو اي اِي ۾ ٿيل پرڪشش انڊين پريميئر ليگ جي ستين ايڊيشن جي صدر طور خدمتن جو 1.90 ڪروڙ انڊين رپيا معاوضو طلب ڪري ورتو ميڊيا رپورٽ مطابق سپريم ڪورٽ گواسڪر کي بي سي سي آءِ، آءِ پي ايل جو صدر بنائڻ جي هدايت ڪندي حڪم ڏنو هو ته بورڊ کيس ذميواري ادا ڪرڻ جو مناسب معاوضو ادا ڪري ڇو ته هو آءِ پي ايل سيزن دوران پنهنجي ٻين ميڊيا مصروفيتن کان پري رهندو ورڪنگ ڪميٽي ۾ ذريعن مطابق گواسڪر هڪ خط لکي معاوضو گهريو ورڪنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ شامل بي سي سي آءِ جي هڪ سينيئر ميمبر پي ٽي آءِ کي ٻڌايو ته گواسڪر خط ۾ 1.90 ڪروڙ رپيا گهريا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *