سنجي دت 25 فيبروي تي آزاد ٿي گهر پهچندو،گهر ڀاتين ۾ خوشيءَ جي لهر

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جو مشهور اداڪار سنجي دت پنهنجي سزا پوري ڪرڻ کانپوءِ 25 فيبروري خميس ڏينهن جيل مان آزادي ماڻيندو.بالي ووڊ ۾ سنجو ڀائي ۽ منا ڀائي جي نالي سان مشهور سنجي دت پنهنجي سزا جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ خميس 25 فيبروي تي جيل مان آزاد ٿي رهيو آهي،ايڊيشنل ڊائيريڪٽر جنرل ڊي ڪي مطابق اداڪار سنجي دت 25 فيبروري خميس ڏينهن جيل مان آزاد ٿي رهيو آهي.جڏهن ته منا ڀائي جي آزادي جي خوشي ۾ گهر ڀاتين پاران جيل انتظاميا جي مان ۾ هڪ شاندار پروگرام  ڪيو هو،پر سيڪيورٽي مسئلن سبب اداڪار جي گهر ڀاتين کي جيل انتظاميا دعوت ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.يادرهي ته اداڪار سنجي دت 1993ع ۾ ممبئي حملن ۽ غير قانون هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ مئي 2013ع کان پوني يارواڊا جيل ۾ ساڍا 3 سال قيد هيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *