
اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظ۾ جي سڌ سماءَ جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي ۽ لائين آف ڪنٽرول جي صورتحال تي سموري سياسي قيادت کي گڏجي ڀارت کي سڄي دنيا آڏو وائکو ڪرڻ گهرجي سياسي قيادت ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي قومي معاملن تي اتحاد ۽ ٻڌي جو پيغام ڏئي ٽوئيٽر تي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته هي وقت سياست جو ناهي پر ملڪي سلامتي ۽ ڪشميرين جي آزادي واري حق سان ڄمي بيهڻ جو آهي.