سمورين مصلحتون ختم ڪري احتساب وارو عمل تيز ڪري ڇڏيو آهي ۽ جزا وارو موثر نظام هئڻ ضروري آهي:صدر ممنون حسين

اسلام آباد (بيورو) صدر ممنون حسين چيو آهي ته حڪومت سمورين مصلحتون ختم ڪري احتساب وارو عمل تيز ڪري ڇڏيو آهي، پر بدعنواني جي خاتمي لاءِ سزا ۽ جزا وارو موثر نظام هئڻ ضروري آهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته عزت انهن کي ملندي آهي، جن جو قبلو درست هوندو آهي، ناڻي ذخيرن ۾ واڌ سان ملڪي معيشت مضبوط ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبو خطي لاءِ سٺو ثابت ٿيندو، جڏهن ته ملڪ ۾ ٻيا ڪيترائي نوان منصوبا پڻ شروع ٿيندا. صدر چيو قومي معاملا شفافيت سان هلائڻ ملڪ جي ترقي جو بهتر رستو آهي، حڪومت سول سروسز ۾ سڌارن لاءِ مشاورت ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته ڪرپشن، بدعنواني ۽ دهشتگردي پاڪستان کي وڏو نقصان پهچايو، بدعنواني جي خاتمي لاءِ احتساب واري عمل ۾ تيزي آندي وئي آهي. ممنون حسين موجوده حڪومت جو ڪرپشن بابت ڪو اسڪينڊل سامهون نه اچڻ منصوبن ۾ شفافيت جو  ثبوت آهي،  ملڪي معيشت جي بهتر لاءِ کنيل قدمن کي عالمي ادارن به ساراهيو آهي. صدر ممنون حسين وڌيڪ چيو ته ڪرپشن، بدعنواني ۽ سياسي مسئلن ملڪ کي وڏو نقصان پهچايو آهي، بدعنواني جي خاتمي لاءِ احتساب وارو عمل تيز ڪيو ويو آهي، موجوده حڪومت ۾ ڪرپشن جو ڪوبه اسڪينڊل سامهون ناهي آيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *