سمورين سياسي پارٽين پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي جي حمايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد(اي پي پي)پاڪ – چين اقتصادي راهداري تي وزير اعظم جي صدارت هيٺ ٿيل مشاورتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن اجلاس کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته سياسي قيادت بصيرت جو مظاهرو ڪري قومي مفاد ۾ فيصلا ڪيا آهن جنهن جا ان تي سٺا اثر پوندا ، وزير اعظم جي قيادت ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي سمورن سياسي جماعتن جا خدشا دور ڪندي. اقتصادي راهداري رٿا ايندڙ 100 سالنجو روڊ ميپ آهي سمورين سياسي پارٽين پاڪستان چين اقتصادي راهداري منصوبي جي حمايت ڪندي ان منصوبي کي پاڪستان کي معاشي سرگرمين جو مرڪز بڻائيندڙ رٿا قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پاڪستان چين اقتصادي راهداري منصوبي بابت آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت بعد پي ٽي وي سان ڳالهائيندي مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي جي اولهندي روٽ تي ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ تيز رفتاري سان ڪم جاري رکيو وڃي. مسلم ليگ(ق) جي سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو ته گلگت بلتستان سميت سمورن صوبن جي وڏن وزيرن تي ٻڌل گڏيل ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جو سربراهه وزيراعظم نواز شريف هوندو. ڪميٽي جو هر ٽن مهينن ۾ اجلاس ٿيندو جنهن ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي تي ٿيندڙ ڪم جي رفتار جو جائزو ورتو ويندو ۽ سمورن صوبن کان ايندڙ تجويزن تي پڻ غور ويچار ڪيو ويندو. هن چيو ته اولهندي روٽ تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون انڊسٽريل پارڪن، آپٽڪ فائبر ڪورسز ۽ ٻين سماجي ۽ معاشي ترقي جي قدمن تي ٻڌل رٿائن گڏيل سهڪار سان شروع ڪنديون. هن چيو ته گوادر بابت خدشن کي پڻ ختم ڪيو ويندو. هن زور ڀريندي چيوته چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبو پاڪستان خاص طور تي بلوچستان جي ترقيءَ لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. پارليامينٽ جي ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين مولانا فضل الرحمان چيو ته انهيءَ منصوبي جي سلسلي ۾ ترقياتي رٿائن جن ۾ ريلوي لائين وڇائڻ ۽ گيس جي فراهمي ٿيڻ سان صنعتي ۽ واپاري مرڪز قائم ٿيندا جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترا ئي موقعا ميسر ٿيندا. وڏن وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي جنهن جو هر 3 مهينن ۾ اجلاس ٿيندو ۽ ان ۾ صوبن کان ايندڙ تجويزن تي غور ويچار ٿيندو ۽ اهڙي ريت منصوبو اڳتي وڌندو رهندو. هن چيو ته سمورين پارٽين ملڪ جي روشن اقتصادي مستقبل لاءِ ٺوس قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي. جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق چيو ته ايٽمي تجربن بعد چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبو قوم جي وڏي ۾ وڏي ڪاميابي آهي. اهو منصوبو پاڪستان کي خطي اندر اقتصادي لحاظ کان سپر پاور بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن تجويز پيش ڪئي ته مالاڪنڊ ڊويزن ۽ مردان کي پڻ ان ترقياتي عمل ۾ شامل هجڻ گهرجي. هن تجويز پيش ڪئي ته ان روٽ کي تاجڪستان تائين وڌائڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته اپر دير ۽ چترال جي علائقن ۾ 40 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي تنهن ڪري انهن علائقن کي پڻ ان منصوبي جو حصو بڻايو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف سمورين سياسي پارٽين کي خاطري ڪرائي آهي ته اسان کي هڪ گڏيل قوت ٿي اڳتي وڌڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *