سمورين ادران کي جمهوريت جو احترام ڪرڻ گهرجي : وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نوازشريف ملڪ جي قومي سياسي قيادت سان راولپنڊي اسلام آباد ميٽرو بس جو باضابطه افتتاح ڪيو ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيندڙ پروقار تقريب ۾ افتتاح کان اڳ ان منصوبي جي دستاويزي فلم ڏيکاري ويئي ۽ ماڻهن جا تاثرات پيش ڪيا ويا ان کان پوءِ جڏهن وزيراعظم کي منصوبي جي افتتاح جي دعوت ڏني ويئي ته وزيراعظم اڳيان واري نشستن تي موجود ملڪ جي قومي سياسي قيادت کي به ڊائس تي اچڻ جي دعوت ڏني جنهن تي مولانا فضل الرحمان محمود خان اچڪزئي محمد اعجاز الحق راجا ظفرالحق ۽ ٻيا اڳواڻ اسٽيج تي پهچي وزيراعظم گهرو وزير چوڌري نثارعلي خان وزيراعليٰ پنجاب وزيراعليءٰ ڪي پي ڪي پرويز خٽڪ وزيراعليٰ بلوچستان ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ گورنر خيبر پختونخواهه گورنر پنجاب ۽ سياسي قائدين سان گڏ بٽڻ دٻائي منصوبي جو باقاعده افتتاح ڪيو تقريب ۾ غير ملڪي سفير وفاقي ۽ صوبائي وزير پارليمينٽ ميمبر اسلام آباد ۽ راولپنڊي کان ايندڙ واپارين سميت ڪيترن ئي مردن ۽ عورتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته پنجاب ۾ ترقيءَ جو سفر جاري آهي، راولپنڊيءَ کان اسلام آباد تائين ميٽرو بس منصوبي جو افتتاح ڪيو ويو آهي، وزيراعظم نواز شريف وفاقي حڪومت طرفان ڪراچي ۾ به جلد گرين بس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف فيصلائتي ويڙهه جاري آهي، آمريتن سدائين ملڪ کي نقصان پهچايو. وزيراعظم نواز شريف، ميٽرو بس سروس جو افتتاح پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، گورنر، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن کانسواءِ جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي محمود خان اچڪزئي سان گڏجي ڪيو ميٽرو بس منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته رٿا مڪمل طور شفاف نموني مڪمل ڪئي وئي آهي،ڪير به آڱر نه ٿو کڻي سگهي،وفاقي حڪومت جلد سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ به گرين بس سروس تي ڪم شروع ڪندي. وزيراعظم پنهنجي خطاب دوران انتهائي خوشگوار موڊ ۾ نظر آيو ۽ شهباز شريف کي صلاح ڏني ته پاڪستان بدلجي رهيو آهي انڪري هاڻي کيس پنهنجا شعر به تبديل ڪرڻ گهرجن.. ميان نواز شريف ان موقعي تي آمريتي حڪومتن کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ اهو پڻ چيو ته فوج دهشتگردي خلاف فيصلائتي ويڙهه وڙهي رهي آهي،جنهن ۾ ڪاميابي ماڻي ويندي. وزيراعظم ميٽرو بس منصوبي جي اڏاوت ۾ حصو وٺندڙ پورهيتن لاءِ 5 ڪروڙ رپيا انعام جو اعلان پڻ ڪيو ان کان اڳ ڪنوينشن سينٽر ۾ ميٽرو بس منصوبي بابت تيار ڪيل ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *