سمورن سرڪاري اسپتالن ۾ ايندڙ هفتي جي پوري ٿيڻ تائين دوائن کي يقيني بڻايو وڃي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صحت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته سمورن سرڪاري اسپتالن ۾ ايندڙ هفتي جي پوري ٿيڻ تائين دوائن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اهو ڪم ترجيحي بنيادن تي ڪيو وڃي. هن اها ڳالهه اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ صحت کاتي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ صحت وارو صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، سيڪريٽري صحت فضل الله پيچوهو، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، ناڻي وارو سيڪريٽري حسن نقوي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته دوائن جي خريداري جو ڪم اڃا تائين ناهي ڪيو ويو، انڪري ڪجهه اسپتالن ۾دوائن جي کوٽ آهي. صحت واري وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌري چيو ته وڏي وزير جي حڪم تي 15 سيڪڙو مقامي خريداري جي اجازت ڏني وئي هئي انڪري ڪنهن به قسم جي کوٽ نه آهي. پاليسيءَ موجب 15 سيڪڙو خريداري مقامي طور تي ڪئي ويندي آهي جڏهن ته 85 سيڪڙو خريداري صحت کاتو ڪندو آهي. سيڪريٽري صحت فضل الله پيچوهي چيو ته پرچيز ڪميٽي خريداري روڪي ڇڏي هئي ڇاڪاڻ ته ڪميٽيءَ جي ڪجهه ميمبرن پنهنجي ذاتي مصروفيتن سبب استعيفيٰ ڏني ۽ ڪجهه ٻيا ميمبر پرڏيهه ويل هئا. وڏي وزير هدايت ڪئي ته قانوني طريقو اختيار ڪندي دوائن جي خريداريءَ جو ڪم مڪمل ڪيو وڃي ۽ مون کي هڪ هفتي اندر رپورٽ ڏني وڃي ته داوائون فراهم ڪيون ويون آهن. واضح رهي ته صوبي جي اسپتالن جو گڏيل آپريشنل بجيٽ 18 بلين رپيا آهي جنهن ۾ اٽڪل 6.5 بلين رپيا دوائن جو بجيٽ آهي. وڏي وزير چيو ته سڀني اسپتالن ۾ بورڊ لڳرايا آهن؛ جنهن ۾ مريضن تي روز ڀريو ويو آهي ته اهي اسپتالن جي اسٽور مان مفت دوائون حاصل ڪن. هن چيو ته اسان جا ماڻهو تمام غريب ۽ سندن صحت جي مناسب سنڀال جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي مقصد ۾ سوڀ حاصل ڪرڻي آهي پر اڃا به صوبي جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ رهندڙ ماڻهن جي صحت لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. مختلف سرڪاري اسپتالن جي پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته خانگي شراڪتدار بهترين ريت ڪم ڪري رهيا آهن انڪري سندن مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ٿيڻ گهرجن ته جيئن اهي بهترين صحت جون خدمتون فراهم ڪري سگهن. وڏي وزير واضح ڪيو ته جوهي جي ڊرگهه بالا رورل هيلٿ سينٽر خراب حالت ۾ هو. هن سيڪريٽري صحت کي هدايت ڪئي ته سندن رپورٽ ڏئي ته اهو ڇو بند هو؟. سيڪريٽري هيلٿ ڊي ايڇ او دادو کان پڇاڻو ڪري کين رپورٽ ڏني وڃي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته عمارت جو ڪم مڪمل آهي پر گهڻي عرصي کان اها عمارت پوليس جي قبضي هيٺ آهي. وڏي وزير سيڪريٽري صحت کي هدايت ڪئي ته ان صحت مرڪز کي واپس وٺي ۽ هڪ هفتي اندر ان کي فعال ڪيو وڃي. وڏي وزير صحت کاتي کي اها به هدايت ڪئي ته هُو سندن سمورن صحت مرڪزن بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي ته انهن ۾ صحت جون سهولتون، تعميري مقصد يا ايس اين اِي سبب اڻپوريون ڇو آهن؟. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته انهن کي فعال بڻايو وڃي ۽ انهن کي جيترا به فنڊ يا ايس اين اِي گهربل آهي فراهم ڪيا وڃن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صحت واري وزير کي هدايت ڪئي ته هُو اسپتالن جا دورا ڪندو رهي ۽ سڀني اسپتالن سان ويجهڙائي وارا رابطا رکي ته جيئن صوبي جي عوام کي صحت جون بهترين سهولتون فراهم ڪري سگهجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *