سمورا الزام رد، پ پ پاران ذوالفقار مرزا کان لاتعلقي جو اعلان

ڪراچي(اسٽآف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات واري وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا پاران پارٽي قيادت، وزيرن ۽ پارٽي اڳواڻن تي تنقيد ۽ انهن تي الزام سندس ڪا ذاتي رنجش ٿي سگهي ٿي. ذوالفقار مرزا اخلاق جون سموريون حدون اورانگهي ڇڏيون آهن،  جنهن جو وڏو افسوس آهي. عزير بلوچ سميت ڪنهن به ڪرمنل چاهي ان جو تعلق ڪنهن به جماعت يا گروپ سان هجي ڪنهن قسم جي رعايت نه ڏني ويندي. جيڪڏهن ذوالفقار مرزا پارٽي قيادت تي اهڙي طرح جي تنقيد ڪري ٿو ته پوءِ پيپلز پارٽي به ان کي ڊس اون ڪري  ٿي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ پاڪ فوج سميت سمورن امن امان جي بحالي جا ادارا هڪ نڪتي تي متحد آهن ته هن ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ٿئي ۽ هتي امن امان قائم ٿئي. گورنر راڄ سميت ٻين افواهن ۽ تجزيه نگارن جي تجزين سان ملڪ ناهي هلندو. هو اڱاري تي پيپلز ميڊيا سيل ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو. ان موقعي تي سينيٽر مولابخش چانڊيو، صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، قومي اسيمبلي ميمبر سردار ڪمال چانگ، شاهده رحماني، سنڌ اسيمبلي ميمبر مڪيشن ڪمار چاولا، امداد پتافي، طارق مسعود آرائين، ذوالفقار قائمخاني، منظور عباس ۽ ٻيا به ساڻس گڏ موجود هئا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ پيپلز پارٽي خلاف ڪوڙن الزامن جي شروعات اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا پاران ڪئي وئي آهي. اها ڪا نظرياتي سوچ جي ناهي بلڪ ان جي ذاتي رنجش ۽ ذاتي روش جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته نظرياتي سوچ جي حامل ڪنهن جي زبان اهڙي طرح جي ناهي هوندي. هن چيو ته پيپلز پارٽي تي ماضي ۾ الزام لڳايا ويا. اسان جي شهيد قائد محترمه بينظير ڀٽو ۽ پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري تي الزام ۽ ڪوڙا ڪيس به ڪيا ويا ۽ انهن جي پاداش ۾ ان مرد مجاهد 12 سال قيد ۽ سختيون ڪاٽيون. هن چيو ته ملڪ جي سمورن ادارن ۽ عدالتن اسان جي قيادت خلاف لڳايل الزامن جي جاچ ڪئي ۽ اسان انهن الزامن کان نه صرف آزاد ٿياسين بلڪ اسان سرخرو به ٿياسين. هن چيو ته ذوالفقار مرزا هڪ طرف پاڻ ان ڳالهه کي تسليم ڪري ٿو ته ان وٽ اڄ جيڪو ڪجهه آهي اهو آصف علي زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي ڪري آهي ۽ ٻي طرف هو پنهنجي ئي قيادت ۽ پارٽي خلاف جهڙي طريقي جي زبان ۽ رويو اختيار ڪيو آهي اهو اخلاق جون سموريون حدون اورانگهي ويو آهي. هن چيو ته ان خلاف ايڪشن وٺڻ يا نه وٺڻ جي حوالي سان پارٽي جي اعليٰ قيادت جلد فيصلو ڪندي. شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ جي ثقافت ۽ هتي جي روايت جي برخلاف ذوالفقار مرزا اسان جي ڀيڻ ۽ پارٽي جي اهم رڪن ادي فريال ٽالپر صاحبه لاءِ جهڙي طرح جي زبان استعمال ڪئي اها شايد کيس زيب نه ڏيندي هجي. هن چيو ته ادي فريال ٽالپر صاحبه پارٽي کي منظم ڪرڻ ۽ پارٽي جي ڪارڪنن ۽ عوام جي مسئلن جي حل ۾ ڏينهن رات ڪوشان آهي. هن چيو ته انور مجيد تي لڳايل سمورا الزام به بي بنياد آهن. هن جيڪڏهن سالن کان بند ملون سمورن قاعدن ضابطن کي پورو ڪندي خريد ڪيون، انهن جي شروع ٿيڻ سان جتي ملڪ جي معيشيت کي استحڪام مليو ۽ هزارين ماڻهن کي روزگار مليو آهي ۽ حڪومت کي ٽيڪس جي مد ۾ فائدو ٿيو ته هن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته ذوالفقار مرزا مون سميت وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن تي جيڪي الزام لڳايا آهن اسان ان کان اهو ضرور پڇڻ چاهيون ٿا ته جيستائين هو اسان سان گڏ هو ته ان کي اسان ۾ ڪابه برائي ڇو نه نظر آئي. شرجيل ميمڻ چيو ته گذريل ڏينهن پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران سماجي ويب سائيٽ تي پيغام اچڻ کان پوءِ ذوالفقار مرزا پاران مختلف چئنلز تي انٽرويو ۽ ان پاران پارٽي ۾ انتشار پکيڙڻ وارين سموريون ڪوششن دم ٽوڙي چڪيون آهن ۽ پارٽي قيادت وچ ۾ اختلافن جون خبرون پکيڙڻ جون سموريون سازشون دم ٽوڙي ويون. هن چيو ته اسان به ذوالفقار مرزا جي الزامن جي جواب م سموريون شاهديون ۽ ٺوس دليلن سان گڏ ان تي الزامن لڳائي سگهون ٿا، پر اها اسان جي روايت نه رهي آهي ۽ نه ئي اسان جي پارٽي جي قيادت پاران ان قسم جي اسان کي اجازت آهي. هن چيو ته الزامن جي ڀرمار ۽ ذوالفقار مرزا جي لفظن جي استعمال ان جي شخصيت کي متنازعه بڻائي ڇڏيو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته پارٽي جي چيئرمين پاران واضح پيغام کي ذوالفقار مرزا سوچي سمجهي پڙهي وٺي ۽ اهو واضح پيغام پارٽي ۽ بدين جي عوام لاءِ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اخلاق اسان کي ڪنهن صورت ۾ ان ڳالهه جي اجازت نٿو ڏي ته اسان ڪنهن چينل تي ويهي گاريون ۽ غلط رويو اختيار ڪريون. هن چيو ته ذوالفقار مرزا ذاتي رنجش کي پارٽي جي اعليٰ قيادت خلاف غلط زبان جو استعمال ڪري نه صرف پارٽي ڊسيپلين خلاف ورزي ڪئي آهي بلڪ اخلاق جون سموريون حدون به اورانگهي ڇڏيون آهن ۽ ان تي پارٽي جي اعليٰ قيادت ئي فيصلو ڪندي. هن واضح لفظن چيو ته جيڪڏهن ذوالفقار مرزا پارٽي جي اعليٰ قيادت تي اعتماد نٿو رکي ته پوءِ پارٽي به کيس ڊس اون ڪري ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هن وقت ملڪ سنگين چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي. ملڪ ۾ دهشتگردي سبب امن امان جي صورتحال انتهائي نازڪ آهي ۽ اهڙي موقعي تي اسان جي سول ۽ فوجي قيادت هڪ پچ تي متحد آهي ته ڪنهن به صورت ۾ هن ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ٿئي ۽ ملڪ ۾ امن امان قائم ٿئي. هن چيو ته گذريل ڏينهن چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف، وزيراعظم ميان محمد نواز شريف، پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پاران هڪ ڀيرو ان عزم جو ارادو ڪيو ويو ته هن ملڪ کي دهشتگردي جي لعنت مان ڇوٽڪارو ڏياري ئي ساهه پٽبو ۽ ان سلسلي ۾ ڪيترائي فيصلا به ٿيا آهن ۽ آصف علي زرداري پاڻ ان تي زور ڀريو ته پوليس ۾ ڀرتين جي سليڪش بورڊ ۾ رينجرز ۽ پاڪ فوج جي سٺن آفيسرن کي شامل ڪيو وڃي ته جئين پوليس ۾ سٺا جوان ۽ آفيسر سامهون اچي سگهن. هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ به آرمي چيف کي ان ڳالهه جو يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ مڪمل تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن امن امان جي قيام لاءِ ورتل ڪوششن جا خاطر خواهه نتيجا سامهون اچي سگهن. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عزير بلوچ هڪ ڪرمنل آهي ۽ پيپلز پارٽي ڪنهن به دٻاءُ ۾ اچي ان جي حوالي جي راهه ۾ ڪابه رڪاوٽ نه وجهندي. هن چيو ته ڪرمنل ڪنهن به جماعت يا گروپ سان تعلق هجي ان سان ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افواهن ۽ تجزيه نگارن جي تبصري تي آئون ڪنهن قسم جو ڪوبه تبصرو نه ڪندس. اسان جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون يا آرمي ان سسٽم کي ڊي ريل نٿيون ڪرڻ چاهن. انهن سڀني جو هڪ ئي ايجنڊا آهي ته هر حالت ۾ ملڪ ۾ امن قائم ٿئي ۽ دهشتگردي جو خاتمو ٿئي ۽ ملڪ ۾ امن امان جي بحالي جي راهه ۾ ڪابه رڪاوٽ نه ٿئي. الزامن جي جواب ۾ پيپلز پارٽي پاران عدالتن سان رجوع ڪرڻ جي سوال تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته الزام لڳائڻ تمام گهڻو آسان آهن ۽ انهن کي ثابت ڪرڻ ايترو ئي مشڪل آهي، جيڪڏهن ڪنهن وٽ اسان خلاف شاهديون آهن ته هو عدالت ۾ وڃي اسان وٽ وڪيل کي ڏيڻ لاءِ فالتو رقم نه آهي. هڪ ٻي سوال جي جواب م هن چيو ته اسان ماڻهن جي خواهشن تي نه بلڪ پنهنجي خواهش تي ڪم ڪريون ٿا ۽ نه ئي پيپلز پارٽي ڪنهن جي ڊڪٽيشن تي ڪم ڪري ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *