سمنڊ سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين ۽ سوين ڳوٺ ڳڙڪائي ويو:روينيو کاتي جي ڪميٽي کي آگاهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سمنڊ، سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين ۽ سوين ڳوٺ ڳڙڪائي ويو، سنڌ جَي روينيو کاتي، سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ کي آگاهي ڏني آهي ته عربي سمنڊ جو چاڙهه روڪڻ لاءِ قدم نه کنيا ويا ته ٺٽو ۽ بدين دنيا جي نقشي تان ميسارجي ويندا ۽ پوءِ ڪراچيءَ جو بچڻ به ڏکيو هوندو، سنڌ جي رپورٽ پيش ٿيڻ بعد سينيٽ ڪميٽي معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل آڏو اٿارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين  ساجد مير جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس دوران سنڌ بورڊ آف روينيو جَي سيڪريٽري رپورٽ پيش ڪندي آگاهي ڏني ته سمنڊ،سنڌ جي 10 هزار ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عربي سمنڊ، سنڌ جي ساحلي پٽي وارن ضلعن بدين ۽ ٺٽي جا ڪيترائي ڳوٺ به ڳهي چڪو آهي، جيڪڏهن سمنڊ جو چاڙهه روڪڻ لاءِ قدم نه کنيا ويا ته ٻئي ضلعا دنيا جي نقشي تان ميسارجي ويندا. روينيو بورڊ جي سيڪريٽري اجلاس کي اهو به ٻڌايو ته ملير ضلعي ۾ به سمنڊ زمين ڳڙڪائي رهيو آهي،جنهن بابت اسٽڊي ڪئي پئي وڃي. روينيو بورڊ جي ميمبر سيد غضنفر چيو ته 4 ورهين دوران سمنڊ 31 هزار ايڪڙ زمين ڳهي چڪو آهي. سنڌ جي روينيو کاتي جي رپورٽ ڏسڻ کانپوءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري ڪامران قريشي چيو ته معاملو انتهائي ڳنڀير ٿي ويو آهي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف اوشنوگرافي جي چيئرمين آصف انعام ڪميٽيءَ کي ٻڌايو ته سال جا 3 سئو ڏينهن پاڻي سجاول کان هيٺ لهي ئي نٿو. هـُن چيو ته عالمي طور زميني پاڻي ڪڍڻ جو معيار 17 ڪيوبڪ ڪلو ميٽر آهي، پر پاڪستان ۾ 64 ڪيوبڪ ڪلوميٽر ڪڍيو وڃي ٿو، جيڪو 4 سئو سيڪڙو وڌيڪ ۽ سمنڊ جي اڳتي وڌڻ جو اهم سبب پڻ آهي. آصف انعام چيو ته سمنڊ پائڻ ڪري گجرات جي سامونڊي پٽيءَ تي اڪثر طوفان ايندا رهن ٿا،جن جو اثر سنڌ تي به پوي ٿو. سندس چوڻ هو ته اهو سچ آهي ته ڊيم ۽ بئراج ٺهڻ سبب سنڌو درياهه جو پاڻي سمنڊ تائين نٿو وڃي،وٽن انگ اکر رڳو ڪوٽڙي بئراج جا آهن، تنهنڪري خبر ناهي ته سمنڊ ۾ پاڻي ڪيترو ٿو وڃي؟ آصف انعام چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ فرق آهي، سنڌ ۾ سمنڊ وڌي رهيو آهي پر بلوچستان ۾ صورتحال ان جي ابتڙ آهي. اجلاس دوران ڳالهائيندي پ پ سينيٽر تاج حيدر چيو ته 1992ع واري پاڻي ٺاهه تي ان جي روح موجب عمل ٿيڻ گهرجي،سنڌ جي 22 هزار ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. تاج حيدر چيو ته بدين جي ڪئنالن ۾ پاڻي ناهي،ٿورو به مينهن وسي ٿو ته ايل بي او ڊي ابتو وهڻ شروع ڪري ٿو. پي پي سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجا چيو ته 40 کان 50 سالن اندر ٺٽي ۽ بدين جي ڌرتيءَ تان ميسارجڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي،جنهن ۾ باقي 25 سال رهجي ويا آهن. هـُن چيو ته ادارا سست رفتاري سان اسٽڊي ڪندا ته ڇا بچندو، اکيون نه کوليون ويون ته ٺٽي ۽ بدين سان گڏ ڪراچي جو وجود به خطري ۾ پئجي ويندو. سنڌ جي نمائندن جو موقف ٻڌڻ بعد سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ سمنڊ طرفان زمين ڳڙڪائڻ وارو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل آڏو اٿارڻ لاءِ وزيراعظم کي خط لکڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *