
اسلام آباد (اين اين آءِ) ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هلندڙ سمجهوته ايڪسپريس ٽرين هميشه لاءِ بند ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڀارت جيڪو ڪجهه ڪيو اها رٿيل سازش ۽ ان جو ايجنڊا آهي هي خطري وارو سال هوندو هن ۾ جنگ به ٿي سگهي ٿي ڪشمير تي ٿيندڙ ظلم تي خاموش نٿا ويهي سگهون جيڪڏهن جنگ مڙهي ويئي ته اها آخري جنگ هوندي خميس تي پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته ڪراچي ويندڙ هر ٽرين ۾ ٻه گاڏا وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي عيد تي ٻه اسپيشل ٽرينون هلايون آهن عيد کان پوءِ ٽرين ٽائمنگ گاڏن ۽ صفائي ۾ بهتر تبديلي آڻينداسين نيون 38 ٽرينون هلائڻ سان نظام متاثر ٿيندو 70 لک مسافر وڌيڪ کنيا ۽ 10 ارب وڌيڪ ڪمايا والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته جيڪڏهن جنگ مڙهي ويئي ته هي جنگ آخري هوندي هن چيو ته ڪشمير ڪوئي والاريل بيت المقدس نه اهي مودي بيوقوفاڻو ڪم ڪيو ڪافي سياستدان اهڙي غلطي ڪندا آهن جنهن سان تاريخ تبديل ٿي ويندي آهي اهو نٿو ٿي سگهي ته اسان ظلم تي خاموش رهون ان لاءِ ريلوي جي وزير جي حيثيت سان سمجهوتو ايڪسپريس کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري رهيو آهيان هي ٽرين هفتي ۾ ٻه ڏينهن هلندي هئي ان جي مسافرن کي ٽڪيٽون واپس ڪرڻ تي سمورا پئسا ڏنا ويندا شيخ رشيد چيو ته ڪشميري ۽ پاڪستان جي دل گڏ ڌڙڪي ٿي مان ڪشمير کي چڱي طرح ڄاڻان ٿو مودي جي سياست لال چوڪ سرينگر ۾ ختم ٿيندي هن چيو ته ڀارت ڪشمير بابت عالمي ادارن جي ٺهراءُ تي ٿڏي ڇڏيو ڀارت شملا معاهدي کي به ٿڏي ڇڏيو ڀارت لائين آف ڪنٽرول جي معاهدي جي به ڀڃڪڙي ڪئي آهي اسان والاريل ڪشمير ۾ ڀارت پاران ٿيندڙ ظلم جي مذمت ڪيون ٿا. ٻئي پاسي سمجهوته ايڪسپريس واگها ريلوي اسٽِشن تي ڀارت وڃڻ لاءِ تيار هئي پر ڀارتي عملدارن پاران ٽرين وصول ڪرڻ جي ڪليئرنس نه ڏني ويئي ٻنهي ملڪن جي اسٽيشن ماسٽرن هاٽ لائين تي رابطو ڪيو جنهن تي ڀارت ڪو جوڳو جواب نه ڏنو ۽ ٽرين صبح 8 وڳي کان 109 مسافرن کي کڻي اسٽيشن تي بيٺي رهي.