سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته مون تي الزام ڪهڙا آهن؟ صبر جو ناجائز فائدو نه ورتو وڃي: نواز شريف

لنڊن(م.ڊ)  وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته اسان 2014ع ۾ ڌرڻي وارو تماشو وڏي دل سان برداشت ڪيو، تنهن ڪري هاڻ حڪومت جي صبر جو ناجائز فائدو نه ورتو وڃي، لنڊن پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته مان چيڪ اپ لاءِ لنڊن آيو آهيان، جڏهن ته پاناماليڪس بابت مون قوم کي خطاب ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو هو، چوڌري نثار به حڪومت جو موقف سٺي نموني بيان ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته مونکي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته مون تي ڪهڙا الزام آهن ۽ قانون جي ڪهڙي ڀڃڪڙي ٿي آهي؟ اهڙو ڪوبه ڪم ناهي ٿيو، اسان قوم جي خدمت محنت ۽ ايمانداري سان ڪري رهيا آهيون ۽ چاهيون ٿا ته ترقي جي رفتار تيز ڪئي وڃي،سندس چوڻ هو ته چيڪ اپ کانپوءِ ٻيڻي رفتار سان ڪم ڪري پاڪستان جا مسئلا حل ڪنداسين، وزيراعظم چيو ته هڪ صاحب هر گهڙي موقعي جي ڳولا ۾ رهي ٿو ۽ ملڪي ترقي ۾ هٿ ونڊائڻ بدران حڪومت کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پريشان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو، هن چيو ته 2014ع واري ڌرڻي ۾ به سڀني ڏٺو ته ان شخص پاڪستان جي ترقي جو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسان جمهوري روايتن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ صبر ۽ تحمل سان سڀ ڪجهه برداشت ڪيو، وزيراعظم چيو ته هڪ صاحب پنهنجي مقصد ۾ پهرين به ڪامياب نه ٿيو ۽ هاڻ پنهنجي ارادن ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندو، سندس چوڻ هو ته اسان مخالف ڌر ۾ رهندي ڪڏهن به اسعيفائن يا حڪومت ڊاهڻ جي سياست نه ڪئي، مان خورشيد شاهه کي ياد ڏيارڻ ٿو چاهيان ته مان کيس چيو هو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪارڪردگي ڏيکاريندي ته مان پاڻ ان کي سپورٽ ڪندس، ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ اسان کي گڏجي هلڻٻو پوندو ۽ اجائي وڳوڙ پکيڙيندڙن کي به اها ڳالهه جلد سمجهه ۾ اچي ويندي، وزيراعظم نواز شريف چيو ته پيپلز پارٽي جي رائيونڊ ڌرڻي ۾ شامل نه ٿيڻ واري فيصلي جو قدر ڪيان ٿو ۽ جيڪڏهن اهو ئي رويو رهيو ته پاڪستان جي ترقي جو رستو روڪڻ ڏکيو ٿي ويندو، هڪ ماڻهو اهڙيون حرڪتون ڪري پاڻ کي اڪيلو ڪري رهيو آهي،نواز شريف چيو ته آصف زرداري سان سندن سٺو تعلق رهيو آهي پر اڄ ان تعلق جي نه ياد ٿي اچي ۽ نه ئي اسان کي ان جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *