سماجي ترقي جو دارومدار جديد، نون تصورن ۽ اسان جي دور جي وڏن مسئلن جي حل ۾ آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته وزيرن جي ڇهين ايشيا يورپ ثقافت ڪانفرنس ثقافت، تعليم، سائنس ۽ واپار جي شعبي ۾ ٿيندڙ جديد تصورن ۽ تجربن جو هڪ موقعو فراهم ڪندي. وزيرن جي ڇهين ايشيا ثقافت ڪانفرنس اڄ سومر ڏينهن هالينڊ جي شهر اوٽرڊم ۾ ٿيندي. ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ ايشيا ۽ يورپ جي مختلف ملڪن جا اٽڪل 40 ثقات وارا وزير ۽ نمائندا شرڪت ڪندا جنهن جو افتتاح هالينڊ جو بادشاهه وليم اليگزينڊر ڪندو هن سال ڪانفرنس جو موضوع معاشري جي لاءِ تخليقي صنعتون ٽيلينٽ ٽيڪنالاجي ۽ واپار آهي. ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي وارو وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد ڪري رهيو آهي. روٽرڊم پهچڻ تي پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته هو ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪن جي نمائندن ۽ وزيرن سان تخليقي صنعتن جي چئلينجن، تجربن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايس ايم اي جو فورم ثقافت، تعليم، سائنس ۽ واپار جي شعبي ۾ جديد تصورن ۽ تجربن مان فائدو حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو. وفاقي وزير ڪانفرنس جي موقعي تي هالينڊ جي تعليم، ثقافت ۽ سائنس واري وزير مادام جٽ بسي ميڪر سان پڻ ملاقات ڪندو ۽ ان سان پاڪستان ۽ هالينڊ جي وچ ۾ ثقافتي بنيادن ۽ تعليم جي شعبي ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون جو جائزو وٺندو. هالينڊ جي تعليم ۽ ثقافت واري وزير ڪانفرنس جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته 21 هين صدي جي سماجي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حل ڳولڻ ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ تخليقي مهارتون لازمي آهن، سماجي ترقي جو دارومدار جديد، نون تصورن ۽ اسان جي دور جي وڏن مسئلن جي حل ۾ آهي. هن چيو ته 21 هين صدي شروع ٿيڻ تي ايشيا ۽ يورپ ۾ ثقافتي، اقتصادي، سماجي ۽ ٽيڪنالاجي ترقي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انساني تحقيقي صلاحيتن کي وڌائڻ جي لاءِ ترقياتي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. هن چيو ته تخليقي صنعت ٻنهي معاشرن جي فائدي ۽ اقتصادي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ نوان تصور فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ثقافت جي استعمال جي صلاحيت رکي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *