سليڪٽڊ حق کسڻ چاهي ٿو، 18هين ترميم ڏانهن ڪنهن کي اک به کڻڻ نه ڏينداسين: بلاول زرداري

لوئر دير (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان کي سليڪٽ ڪندڙ به پريشان آهن ته ڪهڙي نالائق کي وٺي آيا آهيون. لوئر دير ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام جي دلين ۾ اهو ئي جيئرو رهي سگهي ٿو جنهن عوام کي پنهنجو مڃيو هجي، ڇا اڄ ڪير ضياءُ الحق ۽ پرويز مشرف جو نالو کڻڻ وارو آهي، ضياءَ ۽ مشرف جو دور رڳو ڪاري دور جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته عمران خان انصاف جي ڳالهه ڪندو هو، اڄ ان جي سياست انتقام جي سياست آهي ۽ اڄ اسان جو مقابلو سليڪٽڊ وزيراعظم سان آهي، جيڪو اسان کان حق کسڻ چاهي ٿو، ماڻهو پهرين ئي سال ۾ حڪومت جي وڃڻ جون دعائون ڪري رهيا آهن، اڄ هر طبقو پريشان آهي، ايتري تائين جو عمران خان کي سليڪٽ ڪندڙ به پريشان آهن ته ملڪ ڪهڙي نالائق حوالي ڪري ڇڏيوسين ۽ اڄ ان جي نالائقي لڪائڻ لاءِ عوام تي بار وڌو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته عوام دشمن بجيٽ ۾ بجلي، گئس، ڊالر، کير، دوائون، کاڌو پيتي جون شيون سڀ ڪجهه مهانگو ڪيو ويو آهي، عمران خان عوام جي خوشحالي جي ڳالهه ڪندو هو، اڄ عوام کي معاشي بحران ۾ وجهي ڇڏيو اٿائين، چوندو هو ماڻهو مون جهڙي ايماندار شخص کي ٽيڪس ڏندا، جڏهن وزيراعظم بڻجندس ته سڀ ٺيڪ ٿي يوندو پر اڄ صورتحال ان جي ابتڙ آهي، عمران خان ميڊيا جي آزادي جي ڳالهه ڪندو هو پر اڄ ميڊيا جو آواز دٻائي رهيو آهي، چوندو هو خودڪشي ڪري ڇڏيندس پر اڄ ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکي ڇڏيو اٿائين. پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان! ٻڌي ڇڏيو، منهنجي پارٽي يا خاندان کي جيل موڪلي ڇڏيو پر اصولن تي ٺاهه نٿو ٿي سگهي ۽ نه ئي 18هين ترميم ۽ جمهوريت تي ڪا سوديبازي ٿي سگهي ٿي، مان ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جو مشن جاري رکندس، عوام منهنجي همت ۽ سرمايو آهي، اسان سڀ گڏجي قائد ۽ ڀٽو جو پاڪستان ٺاهينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *