سلمان خان ۽ ڪترينا ڪيف خلاف عدالت ۾ پٽيشن داخل

 

نئين دهلي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سلطان سلمان خان ۽ بار بي ڊول ڪترينا ڪيف خلاف نئين دهلي جي هڪ عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سلمان خان، ڪترينا ڪيف ۽ ٻين فلم ٽائيگر زنده جي مشهوري واري مهم دوران هڪ برادري خلاف توهين جوڳا رمارڪس ڏنا هئا ان ڪري انهن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي.عدالت درخواست جي ٻڌڻي 27 فيبروري تي مقرر ڪندي ان سلسلي ۾ دهلي پوليس کان جواب پڻ طلب ڪري ورتو آهي. اها پٽيشن  ملازمن جي دهلي ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين هرنام سنگهه داخل ڪئي آهي جنهن ۾ هن دعويٰ ڪئي آهي ته اداڪارن سماج جي فردن خلاف رمارڪس ڏئي انهن سان زيادتي ڪئي آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *