سلمان خان ڪترينا ڪيف کي اسٽنٽ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽار سلمان خان ڪترينا ڪيف کي فلم ٽائيگر زندا هي ۾ سمنڊ ۾ سرفنگ جو مشڪل اسٽنٽ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو سلمان ۽ ڪترينا جي پاڻ ۾ گهري دوستي رهي آهي پر رنبي سان معاشقي کانپوءِ ٻنهي جي لاڳاپن ۾ ويڇا اچي ويا هئا پر هاڻ ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته ٻنهي ۾ صلح ٿي وئي آهي ڪترينا جي زوال پذير فلمي ڪيريئر کي سلمان هڪ ڀيرو ٻيهر اونچائڻ تي پهچائڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٻئي مراڪش ۾ يش راج فلمز جي بينر هيٺ ٺهندڙ فلم ٽائيگر زندا هي جي شوٽنگ ۾ مصروف آهن، ميڊيا رپورٽن مطابق فلم جي شوٽنگ دوران ڪترينا کي سمنڊ ۾ سرفنگ جو خطرناڪ اسٽنٽ ڪرڻو آهي پر سلمان پنهنجي دوست جي زندگي کي خطري ۾ وجهڻ کان ڪيٻائي رهيو آهي ۽ هن ڪترينا کي خطرناڪ اسٽنٽ ڪرڻ کان صاف منع ڪري ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *