سلمان خان منهنجو وڃايل اعتماد بحال ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي نه ته مان پراڻو قصو بڻجي وڃان هاۡ: جيڪو لين فرنينڊس

ممبئي (شوبز نيوز)  بالي ووڊ جي سريلنڪن ڄائي اداڪاره جيڪولين فرنينڊس چيو آهي ته اداڪار سلمان خان تحفا قبول ناهي ڪندو، ڪو وڌيڪ زور ڀري ته پنهنجي قائم ڪيل خيراتي اداري لاءِ چندي طور گهري وٺندو آهي. ذريعن مطابق جيڪولين سلمان جي عادتن بابت ڳالهائيندي چيو ته سلمان ڪنهن کان تحفا قبول ناهي ڪندو ۽ ڪو وڌيڪ زور ڀري ته کيس بيسنگ هيومن فائونڊيشن لاءِ ڪجهه ڏيڻ جو چوندو آهي. هن چيو ته سلمان انسان طور تمام گهڻو شاندار آهي،هن منهنجو وڃايل اعتماد بحال ڪرڻ ۾ منهنجي تمام گهڻي مدد ڪئي نه ته مان پراڻو قصو بڻجي وڃان ها،م جيڪولين چيو ته سلمان مون کي پاڻ تي اعتماد ڪرڻ سيکاريو ۽ هو مولاءِ اڳتي وڌڻ جي تحريڪ وانگر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *