سلمان خان منهنجو سڀ کان وڌيڪ مددگار آهي: روينا ٽنڊن

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا روينا ٽنڊن چيو آهي ته خراب وقت ۾ جڏهن سڀ ڪو ساٿ ڇڏي ويندو آهي، ان وقت سلمان خان ئي منهنجي مدد ڪندو آهي. روينا ٽنڊن 1991ع ۾ فلم ”پٿر ڪي پهول“ ذريعي بالي ووڊ ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي، جنهن ۾ هوءَ سلمان خان جي هيروئن بڻي هئي. پنهنجي تازي انٽرويو ۾ 42 ورهين جي اداڪارا جو چوڻ هو ته مان ۽ سلمان خان ننڍين ننڍين ڳالهين تي وڙهندا هئاسين ۽ اسان جا جهيڙا به انڊسٽريءَ ۾ مشهور هوندا هئا پر سلمان خان هڪ بهترين انسان آهي، جيڪڏهن مون کي چيو وڃي ته ان شخص جو نالو کڻو، جنهن توهان جو سڀ کان وڌيڪ ساٿ ڏنو ته اهو ٻيو ڪير نه پر سلمان خان ئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *