سلمان خان جي نئين روپ متاثر ڪيو آهي: پريٽي زنٽا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره پريٽي زنٽا چيو آهي ته کيس سلمان خان جو نئون روپ تمام گهڻو پسند آيو آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق 41 سالا اداڪاره ٽوئيٽر تي هڪ پوسٽ شيئر ڪندي چيو آهي ته سلمان خان سان سيليبرٽي ڪرڪيٽ ٽيم 2016ع دوران مليس ته آئون کيس سڃاڻي ئي نه سگهيس. سلمان خان پنهنجي نئين فلم ”سلطان“ ريسلر جي ڪردار ۾ حقيقت جو رنگ ڀرڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي آهي ۽ سندس قد ڪاٺ نهايت شاندار آهي. واضح رهي ته علي عباس ظفر جي هدايتڪاري ۾ تيار ٿيندڙ فلم ”سلطان“ جي عڪسبندي جاري آهي جنهن ۾ انوشڪا شرما سلمان جي هيروئن هوندي. ڄاڻايل فلم عيدالفطر تي رليز ٿيڻ جو امڪان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *