سلمان خان جو ڪترينا ڪيف سان فحش منظر ڪرڻ کان انڪار

ممبئي (شوبز نيوز) سلمان خان ڪترينا ڪيف سان فلم ٽائيگر زندهه هي ۾ فحش منظر ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. بالي ووڊ دبنگ اسٽار سلمان خان هينئر تائين ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪيو پر ڊگهي فلمي ڪيريئر هئڻ باوجود سلمان خان اڄ تائين فحش منظرن جي عڪس بندي ناهي ڪرائي. سلمان خان فلمي ڪيريئر وچ ۾ ڪيترن ئي ڪردارن ۾ جلوا ڏيکاريا پر اڄ تائين هن ڪڏهن به ڪا فحش منظرن جي عڪس بندي ناهي ڪرائي ۽ ايئن نه ڪرڻ جو سبب هو پنهنجي ماءُ کي ٻڌائيندو آهي. فلمن جي شوٽنگ دوران ڪيترائي ڀيرا فحش منظر آيا پر سلمان خان هميشه اهڙن منظرن کي فلم جي ڪهاڻي مان ڪٽرائي ڇڏيو ۽ هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر سلمان خان فحش منظرن کان انڪار ڪندي فلم مان سين کي ئي ڪڍي ڇڏيو آهي. سلمان خان هن ڏينهن ڪترينا ڪيف سان گڏ فلم ”ٽائيگر زندهه هي“ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي ۽ ڀارتي ميڊيا موجب فلم ۾ هڪ جاءِ تي فحش منظر ادا ڪرڻا هئا جڏهن ته فلم جي هدايت ڪار علي عباس ظفر کي لڳو ته شايد ڪترينا جي ڪري هن ڀيرو دبنگ خان منع نه ڪري سگهي پر سلمان خان فحش جا منظر فلمائڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته فلم جي هدايت ڪار سلمان خان کي فحش جا منظر فلمائڻ لاءِ هر ريت ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سلمان خان پنهنجي فيصلي کان پوئتي نه هٽيو ۽ آخر ڪار فلم مان فحش منظرن کي ئي ڪٽڻو پيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *