سلمان جي پيءُ سليم خان پاڪستاني فنڪارن جي حمايت ڪري ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جو پيءُ  سليم خان به پاڪستاني اداڪارن جي حمايت ۾ ميدان تي اچي ويو آهي. رپورٽ موجب هندو انتهاپسندن طرفان پاڪستاني اداڪارن کي ملڪ ڇڏيڻ جي ڌمڪين سان گڏوگڏ مٿن پابندي جو پڻ مطالبو ڪيو ويو هو، جنهن خلاف سلمان خان پنهنجي رد عمل اظهار ڪيو هو، جنهن تي دبنگ خان کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو. اهڙي صورتحال بعد سندس پيءُ پڻ پنهنجي خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي. ان حوالي سان سليم خان جو چوڻ آهي ته منهنجي پٽ پاڪستاني اداڪارن طرفان ڀارتي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ تي پابندي خلاف آواز اٿاريو آهي، جيڪا هاڪاري سوچ آهي، ڇو ته پاڪستاني فنڪارن تي پابندي جو مطالبو غلط آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *