سلمان تاثير قتل ڪيس ۾ ممتاز قادري جي موت جي سزا برقرار

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، سلمان تاثير قتل ڪيس ۾ جوابدار ممتاز قادري کي دهشتگردي ايڪٽ تحت ٻڌايل ڦاهي جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي پر قلم 302 تحت موت جي سزا برقرار آهي. جسٽس نور الحق قريشي ۽ جسٽس شوڪت صديقي تي ٻڌل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڊويزنل بينچ ممتاز قادري طرفان دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي خلاف اپيل جي ٻڌڻي تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻــُڌايو. فيصلي تحت ممتاز قادري خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت موت جي سزا جو حڪم ڪالعدم قرار ڏنو ويو پر قلم 302 تحت موت جي سزا برقرار رکي وئي. ياد رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت پهرين آڪٽوبر 2011ع تي ممتاز قادري کي 2 ڀيرا موت جي سزا ٻــُڌائي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *