وزير اعظم ڌارين کي آدمشماري ۾ شامل نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي: سنڌ حڪومت

ڪراچي(اي پي پي) گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سنڌ جي مسئلن جي حوالي سان ڀرپور نموني موقف پيش ڪيو، جنهن تي وزيراعظم مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي ۽ سنڌ حڪومت ۽ 32 سياسي جماعتن جي مطالبي تي وزيراعظم صوبي اندر ڌارين کي آدمشماري ۾ شامل نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير اجلاس ۾ ڪراچي ۾ منعقد ٿيل اي پي سي اجلاس جون سفارشون به سي سي آءِ ۾ پيش ڪيون. جنهن ۾ 32 جماعتن سنڌ مان 30 لک افغانين، برمين ۽ ٻين کي آدمشماري ۾ شامل نه ڪرڻ ۽ انهن کي جلد واپس موڪلڻ جي سفارش ڪئي، جنهن تي وزير اعظم32 جماعتن جي سفارشن جو احترام ڪندي چيو ته ڌارين کي آدمشماري ۾ شامل نه ڪيو ويندو. پاڪستان جي وزير اعظم آدمشماري وارو فيصلو ايندڙ سي سي آءِ اجلاس تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته هن وقت فوج آپريشن ضرب عضب سميت دهشتگردن خلاف جنگ ۾ مصروف آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ کي اسلام آباد کي پاڻي ڏيڻ تي اعتراض نه آهي پر ڪراچي کي به سمورا صوبا پنهنجي حصي جو پاڻي ڏين. اسلام آباد وانگر ڪراچي ۾ به سڄي ملڪ مان آيل ماڻهو رهندا آهن. جنهن تي وزير اعظم ٽنهي صوبن جي وڏن وزيرن کي پنهنجيون سفارشون ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير وزارت پيٽروليم طرفان سنڌ جي ٻن تيل فيلڊن کي سدرن ڪمانڊ مان ڌار ڪري ناردرن ڪمانڊ کي ڏيڻ واري فيصلي تي به احتجاج ڪيو. پاڪستان جي وزير اعظم وزارت پيٽروليم تحت چئني صوبن جي ناڻي وارن وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي جيڪا ان مامري کي حل ڪندي. سنڌ جي وڏي وزير طرفان لوڪل گورنمينٽ وارو مسئلو اٿارڻ تي وزير اعظم چيو ته ان مسئلي تي سي سي آءِ جي ايندڙ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي حيسڪو ۽ سيپڪو خلاف شڪايتن تي وزير اعظم بجلي ۽ پاڻي واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي ته مسئلي کي حل ڪيو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو بجلي جا بل ادا نه ٿا ڪن ته حيسڪو ۽ سيپڪو وارا سموري ڳوٺ يا علائقي جو ٽرانسفارمر لاهي ٿا وڃن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *