سلطان راهي کرو ۽ سچو انسان هو: مصطفيٰ قريشي

لاهور(ڪلچر نيوز):  اداڪار مصطفيٰ قريشي چيو آهي ته پنجابي وڏي مٺي زبان آهي. هن چيو ته منهنجي مادري زبان سنڌي آهي. پر فلمن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ مون کي پنجابي ٻولي سکڻي پئي. هن وڌيڪ چيو ته پنجابي فلمن ۾ پنجابي ٻولي جو جاندار استعمال ڪيو ويندو آهي. سلطان راهي پنجابي ٻولي کي وڏي زور ۽ وڏي آواز سان ڳالهائيندو هو ۽ هو پنجاب جي ثقافت جو حصو هو. مصطفيٰ قريشي چيو ته سلطان راهي جي وفات کانپوءِ اسان جي جوڙي ٽٽي وئي. مرحوم حقيقي زندگي ۾ وڏو کرو ۽ بهترين انساني هو ، مرحوم جي ڪمي ڪير پوري نه ٿو ڪري سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *