سلطان آف جوهر جونيئر هاڪي ٽورنامينٽ، قومي ٽيم جي چونڊ لاءِ ٻن ڏينهن جا ٽرائل اڄ شروع

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)پنجين سلطان آف جوهر جونيئر هاڪي ٽورنامينٽ ۾ شرڪت جي سلسلي ۾ قومي ٽيم جي چونڊ لاءِ ٻن ڏينهن جا ٽرائل (اڄ) جمعي کان نصير بنده هاڪي اسٽيڊيم جناح اسپورٽس ڪمپليڪس اسلام آباد۾ منعقد ٿيندا، پنجون سلطان آف جوهر جونيئر هاڪي ٽورنامينٽ 11 کان 18 آڪٽوبر تائين جوهر پاڙو ملائيشيا ۾ کيڏي ويندي، تفصيل مطابق ايونٽ جي تياري جي سلسلي ۾ قومي رانديگرن جي تربيتي ڪيمپ 5 سيپٽمبر کان اسلام آباد ۾ جاري آهي ۽ رانديگر ڀرپور محنت ڪري رهيا آهن، پاڪستان هاڪي فيڊريشن (پي ايڇ ايف) حتمي ٽيم جي چونڊ لاءِ سليڪشن ڪميٽي جوڙي آهي، عبدالرشيد سليڪشن ڪميٽي جو چيئرمين هوندو، جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ فرحت حسن، سعيد خان ۽ فيروز خان شامل آهن، سليڪشن ڪميٽي حتمي ٽم جو اعلان ڪري پي ايڇ ايف کان منظوري حاصل ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *