سـُپريم ڪورٽ پاران لال مسجد ڪيس ۾ ڪميشن جي رپورٽ تي اٿاريل سوالن تي اٽارني جنرل کان جواب طلب

اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ، لال مسجد ڪيس ۾ ڪميشن جي رپورٽ تي اٿاريل سوالن تي اٽارني جنرل کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس اقبال حميد الرحمان ۽ جسٽس فيصل عرب تي مشتمل سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ لال مسجد ڪميشن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران لال مسجد ڪميشن جي رپورٽ تي اٽارني جنرل سلمان اسلم بٽ جواب داخل ڪرائيندي عدالت کي استدعا ڪئي ته ڪميشن جي رپورٽ کي پڌرو نه ڪيو وڃي. لال مسجد جي وڪيل طارق اسد چيو ته ڪميشن جي رپورٽ 30 هزارصفحن تي ٻڌل آهي، جنهن کي اٽارني جنرل پڙهيو ئي ناهي. عدالت، اٽارني جنرل کي لال مسجد ڪميشن جي وڪيل پاران اٿاريل سوالن تي جواب پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *