سـُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس اِي او بـِي آءِ ڪرپشن ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي اِي او بـِي آءِ ڪرپشن ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي، ٻڌڻي لاءِ نئين بينچ قائم ڪئي ويندي. چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽـَي رڪني بينچ اي او بي آءِ ڪرپشن ڪيس ۾ اداري جي اڳوڻي اڳوڻي چيئرمين ظفر گوندل جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران چيف جسٽس انور ظهير جمالي ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪندي چيو ته هـُو ساڳي ڪيس ۾ جوابدارن بابت آبزرويشن ڏئي چڪو آهي، ان ڪري ٻڌڻي نٿو ڪري سگهي. عدالت، ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، اڄ کان نئين بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *