سـُپريم ڪورٽ، هڪ واقعي جي ٻي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ واري ڪيس ۾ 8 ليويز اهلڪارن جون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ، هڪ واقعي جي ٻي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ واري ڪيس ۾ 8 ليويز اهلڪارن جون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون آهن. چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ هڪ واقعي جي ٻي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته قانون موجب هڪ واقعي جي ٻي ايف آءِ آر جو ڪو به وجود ناهي. جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن پوليس حقيقتن جي ابتڙ ڪا ايف آءِ آر داخل ڪري ته پوءِ متاثر ڌر ڇا ڪري سگهي ٿي. ليويز اهلڪارن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته پوليس خلاف ڪارروائي جي درخواست داخل ڪرائي سگهجي ٿي، ان تي جسٽس خلجي عارف ريمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس خلاف ڪارروائي سان ايف آءِ آر تي ڪو به اثر نه پوندو. جسٽس ثاقب نثا ريمارڪس ڏنا ته هڪ واقعي جون ٽي ايف آءِ آر به داخل ٿي سگهن ٿيون.  عدالت، دليل مڪمل ٿيڻ بعد 8 ليويز اهلڪارن جون درخواستون خارج ڪري ڇڏيون آهن. واضح رهي ته ليويز اهلڪارن سان مبينا مقابلي ۾ حافظ جان شخص مارجي ويو هو، جنهن بعد اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *