اسلام آباد (بيورو) سـُـپريم ڪورٽ، حڪومت کي بجلي بلز تي سرچارج گڏائي وصول ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏيندي قسطن ۾ وصولي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي ، اٽارني جنرل عدالت کي آگاهي ڏني آهي ته بجلي بلز جي سرچارج ذريعي وصول ٿيندڙ رقم گردشي قرض لاهڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي. چيف جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ بجلي بلز تي سرچارج وصولي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته بجلي بلز تي سرچارج جي وصولي غير قانوني آهي، جنهن کي لاهور هاءِ ڪورٽ به ڪالعدم قرار ڏنو هو پر سپريم ڪورٽ پاران هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ بعد واپڊا رهتن جي وصولي شروع ڪري ڇڏي آهي. اٽارني جنرل سلمان اسلم بٽ چيو ته بجلي بلز تي سرچارج جي مد ۾ وصول ٿيندڙ رقم گردشي قرض لاهڻ لاءِ استعمال ٿيندي آهي. اٽارني جنرل چيو ته جيڪڏهن سرچارج جي وصولي روڪي وئي ۽ گردشي قرض وڌيا ته پوءِ لوڊشيڊنگ ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي. عدالت، حڪومت کي بجلي بجلز تي سرچارج گڏائي وصول ڪرڻ کان روڪيندي حڪم ڏنو ته واهپيدارن کان قسطن جي صورت ۾ رهتون وصول ڪيون وڃن، جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي آگسٽ جي ٽئين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.