سعودي ولي عهد سان آرمي چيف جي ملاقات، دفاعي سهڪار تي اتفاق

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات ڪئي.  سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي.  ملاقات دوران ٻنهي شخصيتن پاڪ سعودي دفاعي سهڪار سميت خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون جڏهن ته افغان طالبان سان ٿيل ڳالهين تي به غور ڪيو ويو.  ڳالهين ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور به شرڪت ڪئي. شهزادي محمد بن سلمان پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشور صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي. ٻنهي ملڪن ۾ دفاعي ۽ فوجي سهڪار وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ سعودي شاهي خاندان جي اهم شخصيتن به شرڪت ڪئي. شهزادي محمد بن سلمان سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي جي سربراهيءَ ۾ 11 رڪني پارلياماني وفد سان ملاقات ڪئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *