سعودي عملدارن سان ملاقاتن جا تفصيل به پارليامينٽ کي ڏنا وڃن: مولابخش چانڊيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات کاتي بابت  صلاحڪار مولابخش چانڊيو پراسيڪيوشن بل جي حوالي سان تنقيد تي پنهنجو ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته پراسيڪيوشن بل سان متعلق غلط تاثر پيدا ڪري اجايو واويلا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته بل جو مقصد پراسيڪيوشن جي عمل کي مضبوط ڪرڻ ۽ پراسيڪيوٽر کي بااختيار بڻائڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو.اطلاعات واري صوبائي صلاحڪار چيو ته پراسيڪيوشن بل ۾ ڪو به اهڙو نقطو شامل ناهي جنهن ۾ عدليه جي اختيارن ۾ مداخلت ڪئي وئي هجي، ڇو ته ڪنهن به مقدمي ۾ حتمي فيصلي جو اختيار عدليه کي ئي حاصل هوندو. هن چيو ته ايپڪس ڪميٽي جي اجلاسن ۾ لاڳاپيل بار پراسيڪيوشن کي مضبوط ڪرڻ تي زور ڀريو ويو آهي ۽ هي بل ان جي هڪ ڪڙي آهي. پراسيڪيوشن بل ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن ۽ تجويزن کي مدنظر رکندي پاس ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پراسيڪيوشن بل قانون کاتي ۽ پراسيڪيوشن کاتي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته عوام کي سستي انصاف جي فراهمي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي عدليه جي آزادي ۽ استحڪام تي مڪمل يقين رکي ٿي. ملڪ ۾ آئيني جمهوري ادارن جي مضبوطي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جون قربانيون ۽ جدوجهد ڪنهن کان به لڪيل نه آهي. مولابخش چانڊيو چيو ته وزيراعظم نواز شريف پنهنجي دوري سعودي عرب ۽ ايران کان اڳ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ها، ڇو ته قومي سلامتي جا معاملا اڪيلو طئي ڪرڻ ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ نقصانڪار ٿي سگهن ٿا.چيو ته پوري قوم جون نظرون ايران ۽ سعودي عرب تعلقات کي ڏسي رهيون آهن، ان لاءِ اقتصادي ۽ قومي مفاد جي معاملن تي قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ انتهائي ضروري عمل آهي. هن وڌيڪ چيو ته سعودي عهديدارن سان ملاقاتن جي تفصيل به پارليامينٽ کي ڏيڻ گهرجي ۽ قومي سلامتي جي معاملن تي قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ سٺي روايت هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *