سعودي عرب هٿيارن جو سڀ کان وڏو خريدار بڻجي ويو، ڀارت ٻئين نمبر تي

واشنگٽن (م.ڊ) دنيا ۾ هٿيارن جي خريداري ۾ سعودي عرب ڀارت کان به گوءِ کڻي ويو 2014ع ۾ سعودي عرب هٿيار خريد ڪندڙ سڀ کان وڏو ملڪ بڻجي ويو آهي، عالمي منڊي ۽ معيشت جي باري ۾ تحقيق ڪندڙ ڪمپني آءِ ايڇ ايس رپورٽ ۾ ٻڌايو ته گذريل 6 سالن کان دنيا ۾ دفاعي تجارت ۾ مسلسل اضافو ڏٺو ويو آهي ۽ 2014ع ۾ ڪل 64.4 ارب ڊالر جو واپار ٿيو جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ حصو سعودي عرب جو رهيو، آءِ ايڇ ايس مطابق هٿيارن جي واپار ۾ هن رڪارڊ اصافي جو سبب دنيا جي اڀرندڙ معيشتن طرفان فوجي جهازن جي گهرج ۾ اضافو ۽ وچ اوڀر ۽ ايشيائي بحرالڪاهل جي خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ آهي، 2013 وانگر 2014 ۾ به هٿيارن جي وڪري ۾ آمريڪا پهرين نمبر تي رهيو، ان کانپوءِ روس، فرانس، برطانيه ۽ جرمني جو نمبر رهيو هٿيارن جي عالمي تجارت جي سالياني رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سعودي عرب طرفان هٿيارن جي گهرج ۾ ڊرامائي اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي سعودي عرب جي آئنده خريداري جي آرڊرز کي ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته 2015ع ۾ انهن سودن جي لاڳت 9.8 ارب ڊالر ٿي ويندي جيڪا هٿيارن جي عالمي خريداري جو 52 سيڪڙو هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *