سعودي عرب فوج موڪلڻ جو فيصلو آرمي چيف کي ڪرڻو آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(بيورو) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته سعودي عرب فوج موڪلڻ جو فيصلو آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي ڪرڻو آهي، جيڪو سمجهي ٿو ته فوج موڪلڻ جو فيصلو پارليامينٽ ڪندي اهو  عقل جو انڌو آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ڪمپني جي مشهوري لاءِ آهي، سعودي عرب لاءِ هنن وٽ وڏو احترام آهي، ان جي سلامتي ۽ حفاظت ڪرڻ هر مسلمان جو فرض آهي. هن چيو ته قوم جا وڏا مسئلا آهن، حڪومت واعدن کي ناهي پاڙيو، عوام اڄ مايوس آهي، هو عوامي مسئلا هر فورم تي اٿاريندو رهندو…….

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *