سعودي عرب جي شهر دمام ۾ مسجد ٻاهران ڌماڪو، 4 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

رياض (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سعودي عرب جي شهر دمام ۾ مسجد ٻاهران بم ڌماڪي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب دمام شهر ۾ جمعي نماز دوران برقعو پهريل آپگهاتي بمبار مسجد جي دروازي آڏو پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. امدادي ٽيمن مارجي ويلن جي لاشن ۽ زخمين کي ڀرپاسي واري اسپتال پهچايو جتي ڪجهه زخمين جي حالت نازڪ هئڻ سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. ياد رهي ته گذريل هفتي پڻ سعودي عرب جي صوبي القطيب ۾ پڻ مسجد اندر بم ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ 21 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *